سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ڪراچي کي ڏهاڪن کان نظرانداز ڪيو پيو وڃي: حافظ نعيم

Advertisements
Loading...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جعلي مردم شماري سان ڪراچي جي آبادي کي اڌ ڪيو ويو، مسئلو حل نه ٿيو اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪنداسين.

پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪراچي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندو آهي پر ان کي 4 ڏهاڪن کان نظرانداز ڪيو پيو وڃي، هتي با اختيار شهري حڪومت قائم ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته مردم شماري به وڏي اهميت اختيار ڪري وئي، شروعاتي طور طئي ٿيو هو ته 5 بلاڪن کي ري اوپن ڪري مردم شماري ڪرائي وڃي پر جعلي مردم شماري ڪرائي وئي، اسان ان کي رد ڪيون ٿا، ان مردم شماري جي نتيجي ۾ اسان جي وسيلن تي اثر پئي ٿو.

سندس چوڻ هو ته ميئر جي چونڊ عوام کي گڏ کڻي ڪئي وڃي ۽ فوري طور مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن.

October 12, 2021 at 4:38 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 54
  • 714
  • 1,621
  • 4,518
  • 4,518