سنڌ ۾ 12 کان 18 سالن تائين عمر جي شاگردن لاءِ ويڪسينيشن جي ڊيڊ لائن مقرر

Advertisements
Loading...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت تعليمي ادارن ۾ 12 کان 18 سالن تائين عمر جي شاگردن لاءِ به ويڪسينيشن جي ڊيڊ لائن مقرر ڪري ڇڏي.

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت طرفان ڪورونا ايس او پيز تي عمل سان گڏوگڏ ويڪسينيشن تي به زور ڏنو پيو وڃي.

ان کان اڳ حڪومت طرفان عام شهرين کي ڪورونا ويڪسينيشن لاءِ 30 سيپٽمبر تائين مهلت ڏني وئي هئي.

ان سلسلي ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) چيو هو ته 30 سيپٽمبر تائين ويڪسين نه ڪرائڻ جي صورت ۾ شهرين تي مختلف پابنديون لاڳو ڪيون وينديون.

هاڻ اين سي او سي جي هدايتن جي روشني ۾ سنڌ حڪومت تعليمي ادارن ۾ 12 کان 18 سالن تائين عمر جي شاگردن لاءِ به ويڪسينيشن جي ڊيڊ لائن مقرر ڪري ڇڏي آهي.

ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ 12 کان 18 ورهين تائين عمر جي شاگردن لاءِ هلندڙ مهيني آڪٽوبر جي آخر تائين ويڪسين لازمي قرار ڏني وئي آهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته شاگردن کي رڳو فائزر ويڪسين لڳائي ويندي.

October 12, 2021 at 4:36 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 45
  • 705
  • 1,612
  • 4,509
  • 4,509