پي ٽي اي پاران 7600 کان وڌيڪ ويب سائيٽس بلاڪ

Advertisements
Loading...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) اختيارين ٻڌايو آهي ته اداري 3 مهينن ۾ 7 هزار 647 مختلف ويب سائيٽس بلاڪ ڪيون آهن.

قومي اسيمبلي جي انفارميشن ٽيڪنالوجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس علي خان جدون جي صدارت هيٺ ٿيو جعنهن ۾ سوشل ميڊيا تي هراسان ڪرڻ جي ڪيسن بابت معاملن تي بحث ڪيو ويو.

پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر ناز بلوچ ڪميٽي ۾ معاملو اٿاريو جنهن تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز بابت بريفنگ ڏني.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ اياز ڪميٽي کي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا ايپس طرفان سهڪار نه پيو ڪيو وڃي.

هن چيو ته ٽوئيٽر اسان جي شڪايتن تي بلڪل به سهڪار ناهي ڪندو، فيس بڪ رڳو چائلڊ پورنوگرافي تائين ڄاڻ فراهم ڪندو آهي.

سندس چوڻ هو ته گڏيل قانوني مشاورت نه ٿيڻ سا به ڏکيائيون پيش اينديون آهن، ٽوئيٽر طرفان 0 سيڪڙو سهڪار ڪيو پيو وڃي.

ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ هو ته سڄي پاڪستان ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ جو اسٽاف 350 ميمبرن تي ٻڌل آهي ۽ وڌيڪ هڪ هزار 100 ڄڻا ڀرتي ڪيا پيا وڃن.

ڪميٽي ۾ پي ٽي اي جولاءِ کان سيپٽمبر تائين غير اخلاقي وڊيوز اسلام آباد ۽ رياست مخالف لنڪس جي خلاف قدمن جي رپورٽ پيش ڪئي.

پي ٽي اي اختيارين ٻڌايو ته اداري ٽن مهينن ۾ 7 هزار 647 ويب سائيٽس بلاڪ ڪيون جن مان اسلام آباد مخالف هڪ هزار 104 ويب سائيٽس بلاڪ ڪيون ويون، فرقيواراڻي مواد واريون 3 هزار ويب سائيٽس بلاڪ ڪيون ويون ۽ چائلڊ پورنوگرافي بابت 2 ويب سائيٽس بند ڪيون ويون.

اجلاس ۾ آءِ ٽي سيڪريٽري بريفنگ ڏني ته نظرثاني ٿيل سوشل ميڊيا قائدن جي ڪابينا منظوري ڏئي چڪي آهي.

ايف آءِ اي اختيارين چيو ته نظرثاني ڪيل قائدن جو ٻن هفتن ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، نون قانونن ۾ پي ٽي کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا آهن.

موبائل سمز غير قانوني جاري ٿيڻ ۽ فوتين جي نالن تي سمز جي معاملي تي پي ٽي اي جي عهديدار ڊاڪٽر خاور ٻڌايو ته نادرا پي ٽي اي کي سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي، فوتين جو ڊيٽا فراهم ڪيو ويندو.

هن چيو ته پي ٽي اي کي جلد فوتين جو ڊيٽا ملڻ شروع ٿي ويندو.

ان کان پوءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي پي ٽي اي چيئرمين کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو.

October 12, 2021 at 4:33 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 52
  • 712
  • 1,619
  • 4,516
  • 4,516