رسي تي گھمندڙ، فرش تي ڊوڙندڙ ۽ هوا ۾ اڏامندڙ ڊرون روبوٽ تيار

Advertisements
Loading...

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) اهو روبوٽ ڏسڻ ۾ ٿورو عجيب آهي ڇو ته اهو رسي تي گھمندي ڪرتب ڏيکاري ٿو، زمين تي گھمي ٿو، اسڪيٽنگ جو ان کي شوق آهي ۽ اهو هوا ۾ به اڏامي سگھي ٿو. ان جو نالو ”ليونارڊو“ آهي جنهن کي اليو به چئي سگھجي ٿو.

”ليونارڊو“ حقيقت ۾ ”ليگز آن بورڊ ڊورن“ جو مخفف آهي. اهو تڏ جيان ٽپا ڏئي سگھي ٿو ۽ اسڪيٽنگ به ڪري سگھي ٿو. ڪيلٽيڪ ۾ آٽوميٽڪ نظام ۽ ٽيڪنالوجي سان تيار ڪيل ان روبوٽ ۾ ڪيترائي جوڙ آهن جن جي مدد سان اهو انسانن جيان گھمي ڦري ٿو ۽ پرن سبب اڏامندي به نظر اچي ٿو. ان جا تفصيل سائنس روبوٽڪس ۾ ڇپيل آهن.

October 12, 2021 at 4:31 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 45
  • 705
  • 1,612
  • 4,509
  • 4,509