سمورن فيچرز تي مشتمل انتهائي گهٽ قيمت وارو بليڊ فون متعارف

Advertisements
Loading...

چيني ڪمپني زي ٽي اِي هڪ مڊرينج سمارٽ فون بليڊ اي 71 متعارف ڪرايو آهي.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهو مناسب قيمت ۾ بهترين فيچرز وارو فون آهي ۽ انکي سڀ کان پهريون ملائيشيا ۾ وڪري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.

زي ٽي اِي بليڊ اي 71 ۾ 6.52 انچن جي ايل سي ڊي ڊسپلي پلس ريزوليشن سان گڏ ڏني آهي.

ڊسپلي ۾ واٽر ڊراپ نوچ ۾ 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيميرا لڪل آهي.

فون ۾ 3 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي ۽ اسٽوريج ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان 512 جي بي تائين واڌ ڪري سگهجي ٿي.

اها فون 4000 ايم اي اڇ بيٽري تي مشتمل هوندي پر ان ۾ تيز چارجنگ سپورٽ موجود نه هوندي.

هيڊ فون جيڪ، وِي او ايل ٽي اِي، وائي فائي، جي پي ايس ۽ اين ايف سي ۽ ٻيا ڪيترائي اهم فيچرز موجود اٿس جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم فون جو حصو آهي.

فون جي پٺيان ٽن ڪيميرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن جو مک ڪيميرا 16 ميگا پڪسل جو آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ سينسر ڪيمرا موجود آهي.

اها فون ٽن مختلف رنگن، سائي، بلو ۽ ڪاري ۾ دستياب هوندي ۽ ان جي قيمت 119 ڊالر (20 هزار پاڪستاني رپين کان مٿي) رکي وئي آهي.

October 12, 2021 at 4:29 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 54
  • 714
  • 1,621
  • 4,518
  • 4,518