پاڪستان ۾ متعارف ڪرايل اوپو رينو 6 جون اهم خاصيتون

Advertisements
Loading...

سمارٽ فونز ٺاهيندڙ ڪمپني اوپو ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجو نئون اوپو رينو 6 پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو آهي جنهن جي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل تي ٻڌل آهي.

پاڪستان ۾ اها فون اڃا پري آرڊر ۾ 2 رنگن ”آرورا ۽ اسٽيلر بليڪ“۾ دستياب هوندو ۽ ان جي قتم 59 هزار 999 رپيا رکي وئي آهي.

اوپو رينو ۾ اينڊرائيڊ ورجزن 11 او ايس چپ سيٽ ڪولڪوم ايس ايم 1257 سنيپ ڊراگون 720 جي ڏنو ويو آهي. ان جو سي پي يو 2.3 گيگا هرٽز اوڪٽا ڪور آهي.

اوپو رينو 6 جي ڊسپلي سائيز 6.4 انچ، ريزولوشن 2400/1080 ۽ ايڪسٽرا فيچر 90 هرٽز آهي. ڪمپني طرفان ميموري 8 جي بي ريم سان سگڏ 128 جي بي بلٽ ان ڏني وئي آهي.

سمارٽ فون جي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جڏهن ته مين ڪيمرا ۾ 8 ميگا پڪسل جي الٽرا وائيڊ اينگل ڪيمرا، ٻه ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا ۽ 2 ميگا پڪسل جي مونو ڪروم ڪيمرا موجود آهي.

ان کانسواءِ سيلفي ۽ وڊيو ڪال لاءِ 44 ميگا پڪسل جي ڪيمرا ڏني وئي آهي. فون ۾ چارجنگ ۽ يو ايس بي لاءِ ٽائيپ سي 2.0 جو آپشن ڏنو ويو آهي.

October 12, 2021 at 4:22 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 54
  • 714
  • 1,621
  • 4,518
  • 4,518