عراقي فوج داعش جو اهم ڪمانڊر گرفتار ڪري ورتو

Advertisements
Loading...

بغداد(ويب ڊيسڪ) عراقي فوج داعش جي اهم ڪمانڊر سميع جاسم کي گرفتار ڪري ورتو.

عراقي وزيراعظم جي ٽوئيٽر تي جاري بيان موجب عراق جي فوج داعش جي اهم ڪمانڊر سميع جاسم کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

خيبر ايجنسي موجب سميع جاسم داعش جي مارجي ويل ڪمانڊر ابوبڪر البغدادي جو نائب، گروپ فنانس جو انچارج آهي.

ياد رهي ته آمريڪا طرفان داعش جي ڪمانڊر سميع جاسم جي گرفتاري لاءِ 5 ملين ڊالرن تائين جي انعام ڏيڻ جو اعلان ٿيل آهي.

October 12, 2021 at 4:16 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 46
  • 706
  • 1,613
  • 4,510
  • 4,510