وزيراعظم جو سنڌ پوليس جي ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙي لاءِ اعليٰ سول ايوارڊ جو اعلان

Advertisements
Loading...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مسافر جي حياتي بچائيندڙ ڪانسٽيبل لاءِ اعليٰ سول ايوارڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم عمران خان سنڌ پوليس جي ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙي کي تمغه شجاعت ڏيڻ لاءِ نامزد ڪيو آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان صدر عارف علوي کي ڪانسٽيبل کي تمغه شجاعت ڏيڻ جي سفارش ڪئي، جمال ڪلهوڙي کي تمغه شجاعت يوم پاڪستان جي موقعي تي 2023 ۾ ڏنو ويندو.

آءِ جي سنڌ پڻ جمال ڪلهوڙي کي سول ايوارڊ ڏيڻ جي سفارش ڪئي هئي.

واضح رهي ته ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙي 17 آگسٽ تي خيرپور ريلوي اسٽيشن تي مسافر جي حياتي بچائي هئي ۽ اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جيڪا وزيراعظم عمران خان به ڏٺي ۽ سنڌ پوليس جي ڪانسٽيبل کي خراج پيش ڪيو هو.

October 12, 2021 at 4:08 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 54
  • 714
  • 1,621
  • 4,518
  • 4,518