سنڌ جي ٽن ادارن جي آڊٽ رپورٽ ۾ وڏا انڪشاف

Advertisements
Loading...

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ صوبي جي ٽن ادارن جي آڊٽ رپورٽ ۾ وڏا انڪشاف سامهون اچي ويا.

ذريعن موجب سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ موسمياتي تبديلي، ماحول ۽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي آڊٽ رپورٽ جاري ٿي وئي، آڊيٽر جنرل پاڪستان جي تيار ڪيل رپورٽ ۾ ڪيترن ئي اعتراضن جي نشاندهي ٿي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي ايم سي تي 20-2019 دوران 86.340 ملين جا آڊٽ اعتراض سامهون آيا آهن، ڪي ايم سي جي آڊٽ ۾ 8.200 ملين رپين جو ڪو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو، ڪي ايم سي کي اها رقم اسنارڪل جي مرمت لاءِ جاري ڪئي وئي هئي.

رپورٽ موجب انتظاميا طرفان آڊيٽر جنرل ڊپارٽمينٽ کي ان جون ڪي رسيدون فراهم نه ڪيون ويون، مجموعي طور تي آڊٽ ۾ 77.190 ملين رپين جون بي قاعدگيون سامهون آيون.

ذريعن موجب کاتي لاءِ خريد ڪيل سامان جي خريداري ۾ به 37.451 ملين رپين جون بي قاعدگيون سامهون آيون، کاتي جو اندروني ڪنٽرول ڪمزور هجڻ جي صورت ۾ به 37.451 ملين رپين جون بي قاعدگيون ٿيون.

سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي ۾ به خريداري جي قانونن تي عمل نه ڪيو ويو، رڪارڊ ۾ ڊليوري چالان، انسپيڪشن رپورٽ ۽ ٻيون انٽريز موجود نه هيون، ڪمزور مالي ڊسيپلين سبب انوائرنمينٽ پروٽيڪشن ٽربيونل لاءِ رکيل 9.678 ملين رپين جو فنڊ استعمال ئي نه ٿيو.

آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اي پي اي جي ڪانٽريڪٽرز کي 11.66 ملين رپين کان وڌيڪ ريٽس تي ادائگيون ڪيون ويون، 61.741 ملين رپين جي سسٽين ايبل فنڊن جو ڪو رڪارڊ ٺاهيو ئي نه ويو.

سنڌ ڪوسٽل ڊولپمينٽ ۾ به آڊيٽرز 1096 ملين رپين جي ادائگين تي اعتراض اٿاري ڇڏيا آهن.

October 12, 2021 at 3:58 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 46
  • 706
  • 1,613
  • 4,510
  • 4,510