اشرف غني پئسن جا ڀريل ٿيلها کڻي ويو، وڊيو جو انڪشاف

Advertisements
Loading...

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اڳوڻي صدر اشرف غني جي باڊي گارڊ چيو آهي ته اشرف

غني ملڪ مان لکين ڊالر کڻي فرار ٿي ويو آهي.

باڊي گارڊ دعويٰ ڪئي آهي ته اشرف غني جي فرار ٿيڻ کان اڳ نوٽن سان ڀريل ٿيلها ايندي

نه رڳو ڏٺا پر انهن جون تصويرون به موجود آهن.

برطانوي اخبار کي انٽرويو ۾ اشرف غني جي باڊي گارڊ برگيڊيئر جنرل پيراز عطا شريف چيو

ته اشرف غني جي فرار ٿيڻ کان اڳ صدارتي محل ۾ بينڪ مان هڪ ماڻهو نوٽن سان ڀريل

ٿيلها کڻي آيو، انهن ٿيلهن ۾ لکين يا شايد اربين ڊالر ڀريل هوندا.

باڊي گارڊ چيو ته صدارتي محل ۾ نوٽن جا ٿيلها آڻڻ جي سي سي ٽي وي فوٽيج به مون وٽ

آهي، اهي پيسا ڪرنسي ايڪسينج مارڪيٽ کڻي وڃڻ لاءِ هيا جيڪي اشرف غني کڻي

ويو.

هن ٻڌايو ته صدارتي محل ۾ هر خميس تي ڪرنسي ايڪسچينج مارڪيٽ جا پيسا ايندا

هئا، اشرف غني کي اها ڳالهه خبر هئي انڪري هو سڀ پيسا کڻي فرار ٿي ويو.

October 12, 2021 at 3:39 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 45
  • 705
  • 1,612
  • 4,509
  • 4,509