طالبان جي اشرف غني ۽ امر الله صالح سميت سڀني لاءِ معافي


افغان طالبان جي مرڪزي اڳواڻ خليل الرحمان حقاني چيو آهي ته هاڻ ڪنهن سان دشمني ناهي، اشرف غني، امر الله صالح ۽ حمد الله محب سميت سڀني لاءِ معافي آهي.

خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي خليل الرحمان حقاني چيو ته آمريڪا سان دشمني اسان شروع نه ڪئي هئي ۽ هاڻ به نه پيا ڪيون، آمريڪا اسان جي مذهب ۽ ملڪ سان زيادتي ڪئي ته مجبور ٿي بندوق کنئي سين، اسان جي دشمني جو سبب نظام جي تبديلي هو ۽ هاڻ نظام تبديل ٿي چڪو آهي، هاڻ اشرف غني، امر الله صالح ۽ حمد الله محب سميت سڀني لاءِ عام معافي آهي، اشرف غني، جرنيل ۽ اڳوڻي حڪومتي عهديدارن سميت جيڪو به افغانستان اچڻ چاهي اچي سگهي ٿو، تاجڪ، بلوچ، هزارا، پشتون ۽ اسان سڀ ڀائر آهيون.

هن چيو ته افغانستان جو هڪ منظم نظام ٺهندو، جنهن ۾ سڀ قومون، تنظيمون ۽ تعليم يافته ماڻهو شامل هوندا، قوم کي متحد ڪندڙن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويندو.

طالبان اڳواڻ افغانستان ڇڏيندڙن کي پيغام ڏنو ته ٻاهر نه وڃو، هتي رهي ملڪ جي خدمت ڪيو، دشمن توهان کي ڊيڄارين ٿا ته امارات اسلامي توهان کي سزا ڏيندا، اسلام امن جو دين آهي، سڀني کي برابر حق ملندا ۽ ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي.

August 22, 2021 at 7:30 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

ٽوئيتير صفحو

فيس بوڪ صفحو

Calender

September 2021
M T W T F S S
 12345
6789101112
13141516171819
20212223242526
27282930  

Visitors Calculator

  • 1
  • 12
  • 535
  • 2,315
  • 3,149
  • 3,149
  • 0