پاڪ – افغان ڪرڪيٽ سيريز ٿيندي يا نه؟

Advertisements
Loading...

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان جي ڪابل تي قبضي کانپوءِ جتي سڄي دنيا انساني حقن جي حوالي سان ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري رهي آهي، اتي ئي وري طالبان جي حڪومت ۾ اچڻ سان ڪرڪيٽ جي سرگرمين تي اثر پوڻ جا به خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن.

پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سريلنڪا ۾ سيريز شيڊيول آهي، جنهن جي ميزباني افغانستان کي ڪرڻي آهي، ان حوالي سان مداحن ۾ غير يقيني واري صورتحال هئي ته طالبان جي اچڻ کانپوءِ اها سيريز ٿيندي الائي نه؟ پر افغان بورڊ پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پاڪستان خلاف سيريز لاءِ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪابل ۾ ٽريننگ پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ افغان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان چيو ويو آهي ته ڪابل ۾ سيريز جي تيارين لاءِ تربيتي ڪئمپ لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي رانديگر شريڪ آهن.

August 22, 2021 at 7:16 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 46
  • 706
  • 1,613
  • 4,510
  • 4,510