اوپو جو هڪ ٻيو اينٽري ليول فون پيش

Advertisements
Loading...

اوپو اي سيريز جي هڪ ٻي انيٽري ليول سمارٽ فون کي متعارف ڪرايو آهي.

اوپو اي 16 کي جولاءِ 2021ع ۾ پيش ڪيو ويو هو ۽ هاڻ اي 16 ايس کي متعارف ڪرايو ويو آهي.

بنيادي طور تي ان ۾ ڪجهه به نئون ناهي بس رڳو هڪ اين ايف سي چپ جي واڌ ڪئي وئي آهي.

فون جي انر ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 35 پراسيسر موجود آهي جنهن ۾ 8 ڪورٽيڪس اي 53 ڪمپيوٽنگ ڪورز موجود آهي جڏهن ته ڪلاڪ اسپيڊ 2.3 گيگا هرٽز تائين آهي.

فون جي ڊسپلي 6.5 انچ آهي جنهن ۾ ايڇ ڊي پلس ريزولوشن موجود آهي پر پينل جو ريفريش ريٽ 60 هرٽز آهي.

فون جي فرنٽ تي واٽر ڊراپ نوچ ۾ 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي.

اوپو اي 16 ايس ۾ 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ ذريعي اضافو ڪري سگھجي ٿو.

بلوٽوٿ 5.0، هيڊ فون جيڪ ۽ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري ان فون جو حصو آهن.

August 22, 2021 at 7:10 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 54
  • 714
  • 1,621
  • 4,518
  • 4,518