سنڌ ۾ اسڪول ايندڙ حڪم تائين بند


(ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب سنڌ ۾ اسڪول ايندڙ حڪم تائين بند ڪيا ويا آهن.

سنڌ حڪومت طرفان  جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سرڪاري ۽ نجي ادارا ايندڙ حڪم تائين بند رکڻ جو فيصلو صوبي ۾ ڪورنوا ڪيس گهٽ نه ٿيڻ سبب ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ سنڌ حڪومت 23 آگسٽ سومر کان اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته اسڪول وڌيڪ هڪ هفتو بند رهندا.

گذريل ڏينهن سنڌ حڪومت جي يونيورسٽين بابت وزير اسماعيل راهو چيو هو ته سنڌ جون سموريون يونيورسٽيون ۽ بورڊ به و30 آگسٽ کان کلندا، شاگردن ۽ استاد 30 آگسٽ کان اڳ ويڪسينيشن مڪمل ڪرائن.

August 22, 2021 at 7:06 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

ٽوئيتير صفحو

فيس بوڪ صفحو

Calender

September 2021
M T W T F S S
 12345
6789101112
13141516171819
20212223242526
27282930  

Visitors Calculator

  • 1
  • 12
  • 535
  • 2,315
  • 3,149
  • 3,149
  • 0