سنڌ جو وڏو: شھيد بشير خان قريشي

Advertisements
Loading...

تاريخي اصولن وارين منزلن ڏانهن ويندڙ رستن جو ھڪ وڏو رومانس ھجي ٿو ، انھن راھن ڏي جيتوڻيڪ مقتل گاهه ھوندا آھن پر عاشقن کي رت مان مينديءَ جي سرهاڻ محسوس ٿيندي آهي. ڏکن، سورن، تڪليفن ۽ اوجاڳن واري ان سفر ۾ ايڏي ته دلڪشي ھوندي آهي، جو مسافر منزل بجاءِ رستي ۾ مرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. محبوب يا منزل ماڻڻ واري کي ڪير ياد ڪري يا نه ڪري پر جيڪي عاشق سفر ۾ مري پوندا آهن،

انھن جو نالو محبوب يا وري منزل سان ڳنڍجي ويندو آهي. جڏهن مظلوم قوم جا محڪوم سمجھيا ويندڙ ماڻهو آزادي ۽ غلاميءَ جي فرق کي سمجھي ويندا آهن، تڏھن انھن وٽ زندگي جو ھر پل ھڪ ماڻڻ لاءِ ھوندو آھي. وطن جي سرحدن جي سلامتي لاءِ زندگي جي ارپنا ماڻھو جي سموري حياتي کي مقصد بڻائي ڇڏيندي آهي.

شھيد بشير خان قريشي به ان راھ جو راهي ھو يا ايئن کڻي چئون ته ان راھ ۾ ساھ ڏنو. سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد کانپوءِ مظلوم ماڻهن جو حال ڀائي ۽ ھم آواز بنجي ويو ۽ پنھنجي سموري حياتي سنڌين جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

بشير خان قريشي 10 آگسٽ 1959ع تي موٽڻ پور محلي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾، غلام مرتضي قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو. 1976ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتي. ھن شاگرد سياست ۾ حصو ورتو ۽ 1980ع ۾ جساف ٽنڊوڄام جو صدر ٿيو، ٻن سالن کان پوءِ فيڊريشن جو جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو، کيس 1981ع ۾  ھڪ سال لاءِ يونيورسٽي انتظاميا ريسٽيڪيٽ ڪيو. 1990ع ۾ کيس ساڳئي عھدي تي ٻيهر چونڊيو ويو.

1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي چاليهي تي جڏھن جيئي سنڌ قومي محاذ ٺھيو ته عبدالواحد آريسر ڪنوينر ۽ بشير خان قريشي ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو. 1996ع ۾ جسقم جو جنرل سيڪريٽري ۽ اڳتي هلي ان جو چيئرمين چونڊيو ويو.  1978ع ۾ پھريون دفعو ٽنڊوڄام پوليس  کيس گرفتار ڪيو.

17 آگسٽ 1984ع ٽوڙھي ڦاٽڪ وارو واقعو سندس زندگي جو فيصلا ڪن ثابت ٿيو جنھن ۾ ڪيترائي شاگرد شھيد ٿيا. بشير خان قريشي کي ان واقعي کانپوءِ رتيديري مان گرفتار ڪيو ويو ۽ مختلف ٿاڻن تي رکي کيس ٽارچر ڪيو ويو، فوجي عدالت کيس ٻن ڪيسن ۾ ھڪ سال قيد ۽ ڏھن ڦٽڪن جي سزا ڏني. هو سزا ڪاٽڻ بعد آگسٽ 1986ع ۾ آزاد ٿيو. 11 آگسٽ 1988ع ۾ لساني فسادن بعد کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ 18 مھينن تائين جيل ۾ رھيو.

شھيد بشير خان قريشي پنھنجي سڄي حياتي سنڌين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندي گذاري، ھن قومي غلاميءَ جي زنجيرن کي قسمت جو لکيو سمجهي قبول نه ڪيو، ھن سن مان پھريون سياسي سبق پڙهيو، اتر سنڌ جو ارڏو ڇوڪرو جنھن جي ھاٺي ڪنھن سڌي لٺ وانگر سنھي ھئي، تنھن پنھنجي پوري حياتي سنڌين جي حقن ماڻڻ لاءِ پنڌ ڪندي گذاري ڇڏي،

ھو ڪڏھن به ورچي نه ويٺو. ھو ڪنھن سياسي خاندان جو چشم و چراغ نه ھو، ۽ نه ئي ھن سياسي تعليم وقت جي ڪنهن يونيورسٽي کان ورتي. ھن جو پھريون ۽ آخري استاد سنڌ جو اھو منصور ھو، جيڪو وڏن دماغن جي عزت ضرور ڪندو هو پر ھن جو عشق وڏين دلين سان ھو. بشير خان قريشي سياست جي ھر چرپر تي نظر رکندو ھو، ھن کي معلوم ھو ته ڳاڙهو جھنڊو ڪيڏو ڳرو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناھي ته بشير خان وڏو پاڙھو نه ھو  پر ھن سن جي سائين وٽان سياست جا سڀ سبق پڙھي پڪا ڪري مظلوم ماڻهن جي دلين تي حڪمراني ڪئي. ھن جيڪو به سکيو عمل مان سکيو، ھن لاءِ عمل ئي اڪيلو اکر ھو، جنھن کي ھو آخر تائين پنھنجي سڀ کان وڏي سڄاڻ بڻائي چڪو هو.

ھن قومي تحريڪ کي ھاسٽلن مان ڪڍي سنڌ جي اوطاقن تائين پھچايو. بشير خان قريشي پنھنجي سياسي عمل سان سنڌ جي سياست ۾ عوامي انداز آندو، سنڌ جي سياسي تاريخ جو هي پھريون ماڻھو ھو، جنھن سڀ کان پهرين قبيلائي تڪرارن ۽ جرڳائي نظام خلاف زبردست جدوجھد ڪئي.

ھڪ مشھور واقعو آهي ته بشير خان جي پارٽي جي  ڪارڪن جي مائٽن کان اتفاقن ھڪڙو قتل ٿي پيو، ڪارڪن  بشير خان وٽ پھتو ۽ کيس ٻڌايائين  ته مخالف ڌر طاقتور آهي، خون بخشرائي ڏيو، بشير خان سوين ماڻهن جو قافلو وٺي  مخالف ڌر وٽ پھتو، ھو پھريان ئي سمجھي ويا ھئا ته وڏو خون بخش ڪرائڻ آيو آھي، ڳالھيون ٿيون،

مخالف ڌر جي ماڻھن سڱ چٽي لاءِ زور ڀريو، تڏھن بشير خان چيو ته آئون ھنن سان واعدو ڪري آيو آھيان ته خون معاف ڪرائي ڏيندس ڳالھيون ھلنديون رھيون نيٺ بشير خان اٿي بيٺو ۽ چيائين منھنجون چار نياڻيون ويٺيون آھن سڀاڻي جنھن تي وڻيو پوتي وجھي وڃو ڇو ته مان خون معاف ڪرڻ جو واعدو ڪري آيو آھيان، بشير خان جي ايئن چوڻ سان سڀ ڪارڪن جذباتي ٿي ويا،  ايتري ۾ ان مري ويل شخص جو پيءُ اٿيو چيائين بشير خان  منھنجا ٽي پٽ ويٺا آھن انھن کي به ڪھي ڇڏ اھي به توکي معاف ھي به توکي معاف منھنجون نياڻيون به توھان جون ٿيون.

شھيد بشير خان قريشي خانداني طور تي نه پير ھو نه ئي مير، ھن وٽ ڪا به جاگير نه ھئي،  نه ئي ھي ڪارخانن جو مالڪ ھو، ھن جا ڪارڪن ئي ڪل اثاثو ھئا. بشير خان سنڌ جي سياسي افق جو چمڪندڙ ستارو ھو. ھن ۲۳ مارچ ۲۰۱۲ع تي سنڌ جي دل ڪراچي ۾ لکين سنڌين کي گڏ ڪري اقتداري ڪرسين تي ويٺلن جي پيٽ ۾ وٽ وجھي ڇڏيا ھئا، لکين ماڻھن جڏھن پنھنجي محبوب وڏي جي سڏ ۾ سڏ ڏنو ھو ته نه رڳو ملڪي ميڊيا پر عالمي ميڊيا ھن تاريخ ساز احتجاج کي ڪوريج ڏني ھئي، تڏھن بشير خان خلاف ھڪ گھري سازش ڪئي وئي ۽ ۷ اپريل ۲۰۱۲ع تي سنڌ جي حقن لاءِ ڳالھائيندڙ ھڪ ڀرپور آواز کي ھميشه لاءِ بند ڪيو ويو.

August 10, 2021 at 10:26 pm

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

فيس بوڪ صفحو

ايم ڪي اسپتال حيدرآباد

Visitors Calculator

  • 54
  • 714
  • 1,621
  • 4,518
  • 4,518