وفاقي حڪومت طرفان چونڊ سڌارا متعارف ڪرائڻ جو فيصلو، سياسي جماعتن ۾ جمھوريت ھئڻ گھرجي: پي ٽي آءِ


اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻن چيو آهي ته ملڪ ۾ شفاف ۽ آزاد چونڊن لاءِ وزيراعظم عمران خان چونڊ سڌارا آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ سينيئر قانوندان بابر اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته چونڊن کان پوءِ جهيڙو ٿيندو آهي ته اسان کي نتيجو قبول ناهي، وزيراعظم پهرين ئي ڏينهن ڌانڌلي جي الزامن تي پارلياماني ڪميٽي ٺاهي ڇڏي هئي، اپوزيشن جو الزام هو ته آر ٽي ايس ويٺل آهي، اسان تفصيل گهريا پر نه ڏنا ويا، اسان فارم 45 جا تفصيل گهريا به ڪي تفصيل نه ڏنا ويا، هن چيو تھ نواز ليگ پ پ کي چئي رهي آهي ته ڌانڌلي ٿي، سينيٽ چونڊن ۾ اسان اوپن ووٽ جي ڳالهه ڪئي، پ پ ۽ ن ليگ سينيٽ جو ووٽ اوپن ڪرڻ جي ڳالهه ڪري چڪا آهن، تحريڪ انصاف سينيٽ چونڊن لاءِ اوپن بيلٽ جي ڪوشش ڪئي، پر اپوزيشن ڦري وئي، يوسف رضا گيلاني ڪيئن سينيٽر بڻيو، اهو سڀني جي سامهون آهي، ان موقعي تي بابر اعواڻ چيو ته ملڪ زمين ۽ بلڊنگ سان نه ادارن ۽ عوام سان ٺهندا آهن، 2013 جي چونڊن ۾ سياسي ڌانڌلي جو طوفان اُٿيو، 2013 ۾ هڪ جج صاحب رٽرننگ آفيسرن سان خطاب ڪيو، 4 تڪ نه کوليا ويا، پر ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌرڻو ٿيو ۽ 2013 جي چونڊن کي سڀني جماعتن آر او جي اليڪشن قرار ڏنو، هن چيو ته سياسي جماعتن ۾ جمهوريت لاءِ ٻه ريفارمز تجويز ڪيا آهن، سياسي جماعتن جي اندر به جمهوريت نظر اچڻ گهرجي، ڪنهن به سياسي جماعت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار ميمبرن جو هجڻ لازمي هوندو، سڀني سياسي جماعتن لاءِ لازمي هوندو ته ساليانو ڪنوينشن منعقد ڪن، سندس چوڻ هو ته چونڊ سڌارا نه ٿيڻ سان آئيني ادارن تي عدم اعتماد جو بحران پيدا ٿيو، تنهن ڪري وزيراعظم چونڊ سڌارا آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تقريبن 49 تبديلين بابت هاڻ سوچيو پيو وڃي، بابر اعواڻ موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي استعمال لاءِ سيڪشن 103 ۾ ترميم آڻي رهيا آهيون، اسان ميڊيا کي ووٽنگ جو سسٽم ڏيکارينداسين، جيڪو قومي ۽ عالمي ادارن ٺاهيو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ سان چونڊ عمل ۾ الزام ختم ٿي ويندا، هن چيو ته آبادي بدران رجسٽرڊ ووٽن جي بنياد تي تڪ ٺاهيا ويندا، تڪ بنديون نادرا جي ڊيٽا موجب ڪنداسين، پولنگ اسٽاف آفيسرن تي جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض هوندو ته 15 ڏينهن ۾ چئلينج ڪري سگهبو، اليڪشن ترميمن ۾ ڪا ڳالهه اهڙي ناهي، جيڪا ڪنهن هڪ جماعت جي مفاد ۾ هجي، سندس چوڻ هو ته وزيراعظم چيو آهي چونڊ سڌارن جي ايجنڊا سول سوسائٽي، پريس ڪلبن، بار ڪائونسلز کي ڏيکاريو، سڌارتي ايجنڊا اي پي اين ايس ۽ سي پي اين اي سامهون به پيش ڪنداسين.

May 4, 2021 at 5:38 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو