ڇا به ڪريون اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار تائين چونڊون تڪراري رهنديون، سڌارا آڻڻ لاءِ تيار آھيون: بلاول ڀٽو زرداري


ڪراچي(بيورو رپورٽ)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شفاف چونڊن لاءِ سڌارا تمام ضروري آهن، پر جيڪڏهن چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار فعال آهي ته پوءِ ڀلي اسان ڪيتري به قانون سازي ڪيون، چونڊون تڪراري رهنديون، بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊ سڌارا وقت جي ضرورت آهي، اليڪشن ۾ ڌانڌلي ختم ڪرڻ لاءِ قانون سازي جي به ضرورت آهي، جيڪي به سڌارا آڻڻا آهن انهن لاءِ تيار آهيون، اليڪشن ڪميشن چونڊ سڌارن تي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، هن چيو تھ نواز ليگ هڪ سيٽ هارائي آهي ته چاهي ٿي فوج مداخلت ڪري، ن ليگ جو غير ذميواراڻو مطالبو آهي ته پولنگ باڪس فوج حوالي ڪيا وڃن، ان سان چونڊون ۽ فوج به تڪراري ٿيندي آهي پر جيڪڏهن ن ليگ وٽ ڪي ٺوس ثبوت آهن ته اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري، سندس چوڻ هو ته 2018 جي چونڊن ۾ هر پولنگ اسٽيشن تي فوج مقرر هئي، جيڪا تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ هئي، اسٽيبلشمينٽ کي چونڊ عمل کان پري رکڻ سان فائدو ٿيندو، اين اي 249 جي چونڊ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو ڪردار نه هو، پ پ چيئرمين چيو ته اي او بي آءِ جو ورڪرز فنڊ بنا دير سنڌ کي ڏنو وڃي ته جيئن سنڌ وري ويلفيئر ڪم ڪري سگهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت عورتن لاءِ انقلابي قدم جي شروعات ٿي هئي، مزدورن کي صحت ۽ تعليم جي سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون، بينظير مزدور ڪارڊ ذريعي هيلٿ ڪوريج ڏني پئي وڃي، اهو ڪارڊ سنڌ ۾ رهندڙ هر مزدور لاءِ فائديمند آهي، ھوڏانھن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد صحافت جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت هر شعبي ۾ پنهنجي نااهلي ۽ ناڪامين کي لڪائڻ  خاطر ميڊيا جو گلو دٻائي رکيو آهي، ميڊيا مٿان لاڳو ڪيل اعلانيل ۽ غير اعلانيل پابنديون ختم ڪيون وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت آزاد صحافت مٿان پابنديون مڙهي ڇڏيون آهن. پاڪستان ۾ آزاد ميڊيا کي دٻائڻ قوم کي سخت نقصان پهچائڻ آهي. ڪيترن ئي غيرجانبدار صحافين ۽ اينڪرپرسن کي زبردستي ٽي وي اسڪرينن تان هٽايو ويو آهي. هاڻ اهي صحافي پنهنجي غير جانبدارانه تجزين ۽ تبصرن جو اظهار سوشل ميڊيا تي ڪندا آهن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو  پنهنجي دور ۾ ڪاري قانون جو خاتمو ڪيو، جيڪي ضياءُالحق صحافت تي لاڳو ڪيا هئا. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۾ آزاد ميڊيا کي دٻائڻ سان قوم کي سخت نقصان پهچندو آهي. اهو عمل عوام جي جائز ڪاوڙ ۽ مايوسي جي باهه تي وڌيڪ پيٽرول هارڻ جي برابر هوندو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ميڊيا مٿان پابندين جي خلاف جدوجهد جاري رکندي.

May 4, 2021 at 5:32 am

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

ٽوئيتير صفحو

فيس بوڪ صفحو

Calender

September 2021
M T W T F S S
 12345
6789101112
13141516171819
20212223242526
27282930  

Visitors Calculator

  • 1
  • 12
  • 535
  • 2,315
  • 3,149
  • 3,149
  • 0