عمران خان بني گالا جي محل مان نڪري ڏسي ته ماڻهو کيس پِٽي رهيا آهن: مريم نواز


لاهور(م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي بيان تي ردعمل ڏيندي مريم نواز چيو آهي ته پنهنجي اجازت پاڻ وٽ ئي  رکو پر محفوظ رکو، تمام جلد توهان کي ان جي ضرورت پوڻ واري آهي ۽ توهان جا به ڏوهه به اصل آهن. بيان ڏيندي مريم نواز چيو ته مان ان جعلي ۽ ووٽ چور وزيراعظم کي مڃان ئي نٿي، ان وزيراعظم کان ڪنهن به قسم جي درخواست ڪرڻ جو سوچڻ به ڏوهه آهي، توهان کي منهنجو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو چيو ڪنهن، جيڪڏهن مون کي زبردستي ٻاهر موڪلڻ لاءِ ڊرامو ڪري رهيا آهيو ته ٻڌي ڇڏيو، مان ڪيڏانهن نه وينديس. هن چيو ته صبح اٿي توهان جهاد تي ناهيو ويندا، عوام جي حق تي ڌاڙا هڻڻ ويندا آهن، توهان غريب جي واتان ماني ۽ بيمار کان دوا کسڻ ويندا آهيو، توهان بجلي ۽ گئس بلن سان ماڻهن جي چيلهه ڀڃڻ ويندا آهيو، توهان مظلومن تي ظلم ڪرڻ ويندا آهيو، توهان ڏينهن ڏٺي ماڻهن کي اغوا ڪرائڻ ويندا آهيو ۽ ان کي جهاد ٿا چئو؟سندس چوڻ هو ته عمران خان پنهنجي بني گالا جي 300 ڪنال جي محل مان ٻاهر نڪري، عمران خان پنهنجي محل مان نڪري ڏسي ته ڪيئن ماڻهو جهوليون جهلي کيس پِٽي رهيا آهن.

April 5, 2021 at 12:20 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو