حڪومت کي نه ڇڏينداسين، اڪيلي سِر به اپوزيشن ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، : بلاول ڀٽو زرداري


نئون ديرو (۾ ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان گڏجي ۽ اڪيلي سر به اپوزيشن ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين. نئين ديري ۾ ذوالفقار علي ڀُٽو جي ورسي جي موقعي تي تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو هر پاڪستاني کي ووٽ جو حق ڏياريو، جمهوريت جو بنياد وجهي سياسي آزادي ڏياري ۽ غريب کي آواز، آبادگار کي زمين ۽ مزدور کي صنعت جو مالڪ بڻائي معاشي آزادي ڏياري، اڄ به اسان کي عوام لاءِ نه رڳو سياسي آزادي حاصل ڪرڻي آهي، جمهوري آزادي حاصل ڪرڻي آهي، لکڻ ۽ سوچڻ جي آزادي حاصل ڪرڻي آهي، جيڪو هر پاڪستاني جو حق آهي. هن چيو ته سي اي سي اجلاس ۾ استعيفائن جي آپشن تي مشاورت ڪنداسين، عمران خان جي حڪومت کان هر حساب وٺنداسين، پ پ لانگ مارچ لاءِ وڏي تياري ڪئي هئي، ڪراچي مان نڪرندي لاهور ۾ وڏي وزير کي اڏائيندي ۽ ڪيرائيندي اسلام آباد پهچون ها، اسلام آباد پهچندي اهي پاڻ ئي ڀڄي وڃن ها. سندس چوڻ هو ته بدقسمتي سان پاڪستان جهڙي باصلاحيت ملڪ تي ايترا نااهل، نالائق ۽ هٿ ٺوڪيا مڙهيا ويا آهن، جن جي ڪري ملڪي معيشت کي گذريل ٽن سالن ۾ جيترو نقصان ٿيو، ايترو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو، اسان جي مهانگائي جي شرح افغانستان ۽ بنگلاديش کان به وڌيڪ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جمهوري انداز ۾ تحريڪ هلائڻ رڳو پ پ ڄاڻي ٿي، هڪ تجويز آئي هئي ته پارليامينٽ ڇڏي ڏيو، پ پ ضمني ۽ سينيٽ چونڊن ۾ حصو ورتو، چونڊن ۾ حصو وٺي حڪومت کي شڪست ڏني، پ پ گڏجي ۽ اڪيلي سر به اپوزيشن ڪرڻ لاءِ تيار آهي، حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين.

April 5, 2021 at 12:19 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو