سينيٽ چونڊون: وزيراعظم قومي اسيمبلي پهچڻ تي استقبال، عمران خان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو


اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي چونڊن ۾ وزيراعظم عمران خان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو . وزيراعظم عمران خان سينيٽ چونڊن ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي ۾ پهتو جتي حڪومتي ميمبرن سندس استقبال ڪيو. جڏهن ته ان موقعي تي حڪومتي ميمبرن وزيراعظم جي حق ۾ نعريبازي به ڪئي. ايوان ۾ پهچندي ئي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان کي نالي سان سڏيو ويو جنهن کان پوءِ هن ريٽرننگ آفيسر وٽ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪيو ۽ ان کان پوءِ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ايوان ۾ حفيظ شيخ ۽ ٻين حڪومتي وزيرن سان غير رسمي ملاقات به ڪئي.

March 4, 2021 at 9:54 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو