ڪوڙا حڪمران ايترو ظلم ڪن جيترو پاڻ به برداشت ڪري سگهن: مريم نواز


لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته 126 ڏينهن اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙن سرڪاري ملازمن جو جائز احتجاج برداشت نه پيو ٿئي، ڪوڙا حڪمران ايترو ظلم ڪن، جيترو پاڻ به برداشت ڪري سگهن. اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن جي احتجاج ۽ پوليس جي جهڙپ جي حوالي سان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ هو ته سرڪاري ملازمن تي تشدد، ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ گرفتاري ڪوڙي حڪومت جي سازش آهي، ملازمن جي قربانين پاڪستان ۾ ظالم، ووٽ چور، ڪميشن خور حڪومت جي خاتمي جو اعلان ڪيو آهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته پگهارن ۾ واڌ ۽ جائز مطالبا گهرندڙ ملازمن تي تشدد بي رحم، ظالم حڪمرانن جي سڃاڻپ آهي، 126 ڏينهن اسلام آباڊ ۾ ڌرڻو هڻندڙ سرڪاري ملازمن جو جائز احتجاج برداست ناهي ٿي رهيو، ڪوڙا حڪمران ايترو ظلم ڪن جيترو برداشت ڪري سگهن. ليگي اڳواڻ چيو ته ٽن سالن ۾ ظالم حڪومت عوام خاص ڪري سرڪاري ملازمن کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسي رکيو آهي، پهرين حڪومت جنهن 4 سيڪڙو مهانگائي جي باوجود ٽن سالن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ هڪ رپيو واڌ نه ڪئي، اسان سرڪاري ملازمن جي حقن ۽ انهن تي تشدد جي خلاف پارليامينٽ سميت هر فورم تي آواز اٿارينداسين، گرفتار سرڪاري ملازمن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ هنن جا مطالبا قبوليا وڃن.

February 11, 2021 at 10:20 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو