“پگهارون وڌايو” سرڪاري ملازمن جو پارليامينٽ هائوس ڏانهن مارچ، شيلنگ، جهڙپون، اسلام آباد جنگ جو ميدان، ڪيترائي گرفتار


اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پوليس مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن تي ڪڙڪي پئي، جنهن سبب شاهراهه دستور جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پگهارن ۾واڌ جو مطالبو ڪندڙ سرڪاري ملازمن ۽ وفاقي وزيرن جي وچ ۾ ڪالهه ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ ڪالهه ملازمن اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو هو، ان بعد ملازمن پارليامينٽ هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ملازمن مٿان ڪڙڪي پئي،  پوليس احتجاجي مظاهرو ڪندڙن تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ۽ لٺبازي ڪئي، جڏهن ته سرڪاري ملازمن پوليس تي پٿراءُ ڪيو، جنهن کان پوءِ پوليس ڪيترن ئي سرڪاري ملازمن کي گرفتار به ڪري ورتو، اسلام آباد انتظاميا سرڪاري ملازمن جي احتجاج سبب شاهراهه دستور تي پوليس جي ڳري نفري مقرر آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي اختيارين اسلام آباد سيڪريٽريٽ ۽ وزير اعظم ڏانهن ويندڙ رستن کي بند ڪري ڇڏيو، پوليس جي مزاحمت جي باوجود سرڪاري ملازم سيڪريٽريٽ جا دروازا کولي اندر گهڙي ويا، هوڏانهن بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته سرڪاري ملازمن کي حڪومت پنهنجي طرفان اسپيشل الائونس جي ذريعي جون تائين ريليف ڏيڻ چاهي ٿي.اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ مملڪتي وزير علي محمد خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته سرڪاري ملازمن جو مطالبو آهي ته هنن کي بنيادي پگهار تي 40 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي.سندس چوڻ هو ته سڀاڻي تائين هڪ کان 16هين گريڊ تائين جي لاءِ ڳالهيون ٿيون هيون ۽ ڪالهه ئي هن 22هين گريڊ تائين جي ڳالهه ڪئي وئي، ان تي حساب ڪتاب جاري آهي.هن چيو ته ملڪ ۽ ناڻي جي حالتن کي ڏسندي سرڪاري ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پر هي پنهنجي مرضي سان چاهن ٿا ته جون تائين انتظار ڪن، پي ڪميشن جو نتيجو اچي ويندو ته پوءِ سڀني جو فيصلو ٿي ويندو.سندس چوڻ هو ته ڪجهه صوبائي حڪومتن جا ملازمن به احتجاج ڪن پيا، اسان وٽ صوبائي حڪومتن جو اختيار ناهي پر اسان هنن کي هدايتون ڏينداسين.

February 11, 2021 at 10:09 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو