وڪيلن منهنجي ذات تي نه پر عدليا ۽ اداري تي حملو ڪيو: جسٽس اطھر من الله


اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وڪيلن پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي حملو ڪرڻ جي ٽئين ڏينهن عدالتون کلي ويون آهن. عدالت اندر ۽ ٻاهر رينجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي. ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار مڪمل هڙتال جو سڏ ڏيندي عدالتن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪندي چيو ته جيڪو وڪيل ڪنهن عدالت ۾ پيش ٿيو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڪيلن جي حملي جو ذڪر ٿيو. ميان عبدالرئوف ايڊووڪيٽ چيو ته مان عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان پر شرم محسوس ڪري رهيو آهيان، نوجوان وڪيلن کي ڊيزل جيان استعمال ڪيو ويو، جيڪو چيف جسٽس اسان مٿان شفقت ڪري ٿو ان جي ڳچيءَ ۾ وڃي هٿ وڌا ويا، اسان جي سماج ۾ هاڻي عزت ختم ٿي چڪي آهي، ان قدمن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ وڪيلن تي ٿوُ ٿوُ ٿي رهي آهي. جسٽس عامر فاروق چيو ته توهان ڇو شرمنده ٿي رهيا آهيو، هي ان جو عڪس آهي جيڪو اسان بڻجي چڪا آهيون، اسان کي ان بابت سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي ته اسان ڇا بڻجي چڪا آهيون، هي ڪنهن شخص جي انفرادي نه پر عهدي جي عزت هوندي آهي، اڄ هتي ڪو ٻيو آهي ۽ سڀاڻي اڃا ڪو ٻيو هوندو، پر ادارا موجود رهندا، ڀلي جج هجي يا وڪيل، اسان کي هڪٻئي کي عزت ڏيڻ جي ضرورت آهي، اهي واقعا ته گوجرانوالا ۽ لاهور وغيره ۾ ٿيندا رهندا هئا، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عزت ذلت الله طرفان آهي. چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهر من الله به هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران واقعي بابت رمارڪس ڏيندي هاءِ ڪورٽ تي حملي کي 5 سيڪڙو وڪيلن جي ڪارروائي قرار ڏنو. هن چيو ته 5 سيڪڙو وڪيلن اهو سڀ ڪجهه ڪيو، 95 سيڪڙو ته پروفيشنل وڪيل آهن، جيڪو ڪجهه 2 ڏينهن اڳ ٿيو ان تي انتهائي شرمسار آهيان. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي اڳوڻي سيڪريٽري وقاص ملڪ ۽ ميان عبدالرئوف ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿي چيف جسٽس جي بلاڪ تي حملي تي شرمساري جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهر من الله چيو ته مون کي ساڍا 3 ڪلاڪ يرغمال بڻايو ويو، مان قدم کڻي سگهان پيو، مان اڪيلي محدود رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هاءِ ڪورٽ مان وڃڻ بدران ساڍا 3 ڪلاڪ يرغمال رهي منهن ڏنو، مان ايڪشن کڻان ها ته چون ها ته پنهنجن ئي وڪيلن خلاف ڪارروائي ڪرائي، هن معاملي ۾ اٿارٽي بار ڪائونسل آهي، ان کي هن معاملي کي ڏسڻ گهرجي، وڪيلن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي حملو ڪري سڀني کي رستو ڏيکاريو آهي ته هي طريقو آهي، اهڙو واقعو ٻيهر تڏهن نه ٿيندو جڏهن هن واقعي جي ذميوارن کي مثال بڻايو ويندو، هي عدالت بار ڪونسل کان اميد ڪري ٿي ته اها واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري، قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو، هي حملو منهنجي ذات تي نه پر عدليا ۽ اداري تي حملو ٿيو آهي.

February 11, 2021 at 10:12 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو