نيب ڪرپٽ حڪومت جو مهرو آهي، بدڪردار سرڪار جو ملازمن تي تشدد رياستي تشدد سمجهان ٿو: مولانا فضل الرحمان


حيدرآباد/لاهور(اسٽاف رپورٽر/م ڊ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سمورا ملڪ ۽ قوم جا خادم آهن، اسان هنن کي سياست ۾ نه پيا آڻيون اسان پاڻ چئون پيا ته هي بيرڪن ۾ وڃن، حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته نيب ڪرپٽ حڪومت جو هڪ مهرو آهي، ڪرپشن جي حوالي سان نيب کي مخالف ڌر جي خلاف انتقامي طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي، مخالفن کي ڪرپٽ چوندڙ پاڻ ڪرپٽ آهن، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل هنن کي ڪرپٽ قرار ڏنو آهي، هن جي پنهنجي پارٽ جي اندران به احتساب جي حوالي سان آواز پيا اچن، اسان جو دامن صاف آهي، حڪومت جي ناڪام ڪارڪردگي جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ جو عوام اسلام آباد اچي ۽ حڪمرانن اڳيان دانهن ڪري پنهنجا حق وٺن، اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن جو پنهنجي حقن لاءِ مظاهرو هو، پر بدڪردار حڪومت ملازمن تي جيڪو تشدد ڪيو، ان کي رياستي تشدد سمجهان ٿو، سرڪاري ملازمن جي مسئلن کان آگاهه آهيون، اسان ان احتجاج جو حصو بڻجنداسين ۽ حڪومت جي ظلم ۽ جبر کي بي نقاب ڪندا رهندا، پي ڊي ايم جي سربراهه چيو ته اسان سان گڏ آهيون، جيڪڏهن رياستي ادارا عوام خلاف ڪردار ادا ڪندا پوءِ ته اسان چپ ويهي نه ڏسنداسين، سمورا ادارا ملڪ ۽ قوم جا خادم آهن، اسان هنن کي سياست ۾ نه پيا آڻيو اسان چئي رهيا آهيون ته بيرڪن ۾وڃو، چاهيون ٿا ته هر ادارو پنهنجي آئيني دائري ڪار ۾ رهندي ڪم ڪري، اسان هڪ ٻئي جي علائقن ۾ ڇو پيا وڃون، هن چيو ته تحريڪ تحريڪ هوندي آهي ۽ ضروري ناهي ته ان جا نتيجا ملن، مظاهرين جي جمهوري حق کي مڃون ٿا ۽ انهن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهنداسين،  داسو ڊيم جي ملازمن مٿان اهلڪارن گوليون هلايون، هوڏانهن پنجاب صوبي جي سڌُ سماءَ واري خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي تقرير ۾ جيڪو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿيو آهي، ان ٽيڪنالاجي جو عنصر پي ڊي ايم جي جلسن ۾ نظر ايندو، فردوس عاشق اعواڻ لاهور ۾ سيف سٽي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ مختلف شعبن بابت ڄاڻ ورتي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته فضل الرحمان جو سور کيس سک سان نه پيو جيئڻ ڏئي، مولانا فضل الرحمان جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿيڻ کان پوءِ اميد آهي ته ايندڙ جلسن ۾ فوج مخالف تقريرون نه  ٿينديون، هن چيو ته اِهو به پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته فوج شاهي خاندان جي لاءِ استعمال ناهي ٿي، حڪومت سينيٽ ۾ اوپن بيلٽنگ لاءِ عدالت ۾ اڳواڻي طلب ڪئي آهي، فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته سيف سٽي منصوبي جي افاديت کان انڪار ناهي، هي منصوبو نه شهباز شريف جي کيسي مان ٺهيو ۽ نه ئي اتفاق فائونڊري جي فنڊ سان ٺهيو، مبصوبي ۾ گهوٻين جي انڪوائري نيب ۾ هلي رهي آهي.

February 11, 2021 at 10:05 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو