عمران خان عوام جي استحصال کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي: آصف زرداري


اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عمران خان عوام جي استحصال کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي.اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سرڪاري ملازمن تي تشدد ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي استعمال جي مذمت ڪندي چيو ته ڊي چوڪ اسلام آباد کي ڏسي ڏاڍي تڪليف ٿي، سرڪاري ملازمن سان دشمن جهڙو سلوڪ بند ڪيو پيو وڃي، چيو هو ته عمران خان اقتدار ۾ اچي ائين ئي ڪندو، عمران خان عوام جي استحصال کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي.آصف زرداري چيو ته ملازمن جون پگهارون وڌائڻ سان هنن کي ڇو تڪليف پئي ٿئي، پيپلز پارٽي ڏکين حالتن ۾ به ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي، ننڍي اسڪيل وارا ملازم غربت جي ليڪي کان هيٺ اچي چڪا آهن، جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي معاشي استحصال سان ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو.

February 11, 2021 at 10:04 am

اڄ جي اخبار

اسان سان رابطو ڪريو

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

ٽوئيتير صفحو

فيس بوڪ صفحو

Calender

September 2021
M T W T F S S
 12345
6789101112
13141516171819
20212223242526
27282930  

Visitors Calculator

  • 2
  • 12
  • 535
  • 2,315
  • 3,149
  • 3,149
  • 0