سنڌ ۾ اسان جي حڪومت نه هوندي به سڀ کان وڌيڪ پئسا ڏنا آهن، سينيٽ ۾ کليل ووٽنگ ٿئي ته مخالف ڌر وارا روئيندا: وزيراعظم


ڪلرسيدان(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ ۾ اسان جي حڪومت نه هوندي به سڀ کان وڌيڪ پئسا ڏنا آهن، ياد رکو جيڪڏهن سينيٽ چونڊن ۾ اوپن بيلٽنگ نه ٿي ته مخالف ڌر وارا روئيندا، ڪلرسيدان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ سينيٽ جي هڪ ووٽ جي قيمت 50 کان 70 ڪروڙ لڳي رهي آهي، اڄ نه پر ڪيترائي ڀيرا مون کي پيسن جي عيوض سينيٽ جي سيٽ وڪڻڻ جي آڇ ٿي، سينيٽ جي سيٽ وڪڻڻ لاءِ سڌا سنوان ۽ بالواسطه رابطا ڪيا ويا، سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽي چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ اوپن بيلٽ جو معاهدو ڪري چڪي آهي، آئون مسلم ليگ ن جي اوپن بيلٽ جي مطالبي جي تائيد ڪري چڪو آهيان، هن چيو ته اصل ايشو اِهو آهي ته ڇا هن مووده سسٽم جي تحت اليڪشن ٿيڻ گهرجي يا نه، ووٽن جي وڪري ۽ خريداري ۾ سڀ کان وڌيڪ مال مولانا فضل الرحمان ٺاهيو، وزير اعظم جو چوڻ هو ته ياد رکو جيڪڏهن سينيٽ چونڊن ۾ اوپن بيلٽنگ نه ٿي ته مخالف ڌر وارا روئيندا رهندا، کانئن ڪير به پڇڻ وارو نه هوندو، ڳجهي نموني ووٽنگ تحت حڪومت کي مخالف ڌر کان وڌيڪ سيٽون ملي سگهن ٿيون، سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ وڪڻڻ واري ويڊيو جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مون وٽ ويڊيو هجي ها ته گهڻو اڳ ئي ان کي  عدالت ۾ کڻي وڃان ها، هاڻي معاملو 40 ڪروڙ کان نڪري 80 ڪروڙ جي آفر تائين پهچي چڪو آهي، ان کان اڳ احساس ڪفالت پروگرام جي ٻئي مرحلي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت جو فرض هوندو آهي ته ڪمزور طبقي جي مدد ڪري، سندس چوڻ هو ته مستحقن کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت ڏئي رهيا آهيون ۽ سمورن شهرين کي هيلٿ ڪارڊ ملي ويندو، هن وڌيڪ چيو ته احساس پروگرام ۾ فنڊن جي ورڇ منصفاڻي ڪئي آهي، اسان احساس ڪارڊ رڳو ميرٽ جي بنياد تي ورهايا آهن، وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته احساس ڪفالت پروگرام شفاف آهي، ڪير ان جي شفافيت تي آڱر نٿو کڻي سگهي، سندس چوڻ هو ته لبنان جي حڪومت ڪورونا جي دوران سياسي بنيادن تي ماڻهن ۾ پيسا ورهايا، لبنان ۾ رقم جي غير منصفاڻي ورڇ جي ڪري ماڻهو مظاهرو ڪري رهيا آهن پر هتي ڪير به اِهو نٿو چئي سگهي ته اسان پروگرام ۾ رقم جي ورڇ غير منصفاڻي ڪئي.

February 11, 2021 at 10:01 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو