آرمي چيف سان حزب وحدت اسلامي افغانستان جي چيئرمين جي ملاقات


راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان افغان امن ڪونسل جي اڳوڻي سربراهه ۽ حزب وحدت اسلامي افغانستان جي چيئرمين محمد ڪريم خيليلي ملاقات ڪئي.پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ جنرل هيڊ ڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ٿي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي ۾ امن ۽ مضبوطي، رابطي ۽ افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب معززن پاڪ افغان لاڳاپن تي پاڪستان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو جڏهن ته مهمانن پاڪ افغان لاڳاپن جي مستقبل تي آرمي چيف جي ويزن جي به تعريف ڪئي.

January 13, 2021 at 10:23 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو