نيب جو خواجا سعد رفيق خلاف اهم ڪيس بند ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق لاءِ قومي احتساب بيورو مان خبر اِها آئي آهي ته / نيب هن جي خلاف لوڪو موٽيو مهانگي اگهن تي خريدڻ واري انڪوائري بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جاچ ٽيم انڪوائري بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي ۽ ڊي جي نيب لاهور ٽيم جي رپورٽ چيئرمين نيب ڏانهن موڪلي ڇڏي جيڪا انڪوائري بند ڪرڻ جي حتمي منظوري ڏيندو. نيب ذريعن موجب خواجا سعد سميت ٻين جوابدارن تي 4 هزار کان 4500 هارس پاور جي انجڻ مهانگي اگهن تي خريدڻ جو الزام هو. سعد رفيق خلاف شڪايت ڪندڙن جو موقف هو ته پاڪستان ريلوي کي 20 کان وڌيڪ لوڪو موٽيو جي ضرورت نه هئي، خواجا سعد رفيق ضرورت کان وڌيڪ لوڪوموٽيو خريدڻ جي منظوري ڏني، جنهن جو مقصد ڪڪ بيڪس حاصل ڪرڻ هو. انڪوائري ۾ اِها ڳالهه سامهون آئي ته جنهن ڪمپني کي ڪنٽريڪٽ ڏنو ويو اُهو ميرٽ تي سموري قانون کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڏنو ويو.

اڄ احتساب عدالت ۾ خواجا سعد کان انڪوائري بند ڪرڻ بابت سوال ڪيو ويو ته هن لاعلمي جو اظهار ڪندي جواب ڏنو ته مون کي الزام جي خبر آهي نه انڪوائري جي ۽ نه ئي فائنڊنگ جي، مون کي لوڪوموٽيو ڪيس بابت ڪا خبر ناهي.

January 13, 2021 at 10:20 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو