بجلي جي خرابي جي جاچ لاءِ هڪ اعليٰ اختياري ڪميشن قائم ڪيو وڃي: امتياز شيخ


ڪراچي(بيورو) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ ا ڄ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ صحافين کي ٻڌايو ته پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي بجلي جي خرابي جي جاچ لاءِ هڪ اعليٰ اختياري ڪميشن قائم ڪيو وڃي. هن چيو ته نااهلي لڪائڻ لاءِ معمولي درجي جي آفيسرن ۽ جوانن کي مقرر ڪيو ويو ته جيئن اصل نااهلن کي بچائي سگهجي.  امتياز احمد شيخ چيو ته اسان ڊسمبر ۾ خبردار ڪيو هو ته جنوري ۾ گئس دستياب نه هوندي.  جنوري لاءِ آر ايل اين ج جي دير سان ڪيل آرڊر سبب ڪنهن به ڪمپني بڊز نه ڏني آهي.  هن چيو ته هن وقت سڄي ملڪ ۾ پاور زونز ۽ ايڪسپورٽ انڊسٽريز کي گئس سپلاءِ بند آهي.  گئس جي بندش بيروزگاري ۾ اضافو ۽ ايڪسپورٽ سيڪٽر کي نقصان پهچائي رهي آهي.  گهر جا چلها ٿڌا ٿي چڪا آهن ماڻهو مجبوراً ڪاٺين ۽ مهانگي ايل اين جي خريد ڪري پچائڻ تي مجبور آهن توانائي واري وفاقي وزارت جنوري ۽ فيبروري لاءِ ماڻهن کي غلط تسلي ڏئي رهي آهي.۽ هينئر تائين ڪوڙ استعمال ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته تبديلي ماڻهن جي گهرن جا چولها ۽ صنعتي علائقا بند ڪري ڇڏيا آهن، ڇا اها تبديلي آهي وفاقي وزيرن جي تربيت جو عمل ڪڏهن مڪمل ٿيندو ٽن ڏينهن کانپوءِ به ملڪ گير پاور بريڪ ڊائون جي غلطي جو اندازو نه ٿي سگهيو آهي.  گڊو پاور جي هيٺين درجي جي ملازمن کي برطرف ڪري عوام کي ٺڳي نٿو سگھجي. هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بريڪ ڊائون جي اصل حقيقتون عوام جي آڏو اچن. هن چيو ته وفاقي سرڪار گئس جي معاملي تي آئين تي عمل ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي. سنڌ آرٽيڪل 158 مطابق پنهنجي وسيلن تي عمل ڪرائڻ چاهي ٿو. وفاق جون پاليسيون ماڻهن ۾ احساس محرومي پيدا ڪري رهيون آهن. اسان ڪنهن ٻئي صوبي کي ان جي حقن کان محروم نٿا ڪرڻ چاهيون. اهي آئين ۾ ڏنل اختيارن هيٺ وفاق کان پنهنجا حق طلب ڪري رهيا آهيون. وفاقي ڪابينا ۾ سنڌ جا 6 وفاقي وزير هجڻ جي باوجود انهن ۾ سنڌ جي حقن تي آواز بلند ڪرڻ جي همت ناهي. اسان وفاق ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي حقن لاءِ تعاون ڪن پر انهن کي وزارتن ۾ وڌيڪ دلچسپي آهي.

January 13, 2021 at 10:15 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو