عمر ڪوٽ ۾ ننڍين چونڊن لاءِ رينجرز مقرري جي منظوري، انتظام سخت ڪرڻ جو حڪم


اسلام آباد(بيورو) وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزير اعظم وزيرن جي ڪارڪردگي واري رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جوا جلاس ٿيو جنهن ۾ ڇنڇر جي رات سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون بابت شروعاتي جاچ رپورٽ پيش ڪئي وئي. /بقايا پڙهو عمر ايوب ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته بجلي بريڪ ڊائون هڪ انساني غلطي سبب ٿيو، غفلت ڪندڙ ملازمن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.وزير اعظم عمران خان وزير جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته وزير پنهنجي ڪارڪردگي ۽ وزارتن تي گرفت بهتر ڪن. وزير اعظم عمران خان توانائي واري وزير عمر ايوب جي ڪارڪردگي مان به ناخوش نظر آيو. عمران خان چيو ته شهرين جي مسئلن سان سلهاڙيل وزارتن وٽ غلطي جي گنجائش نه هئڻ گهرجي. ڪابينا اجلاس ۾ مچ سانحي ۽ اسامه ستي ڪيس تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزير اعظم هدايت ڪئي ته اسامه ستي جا والدين حڪومتي ڪارروائي مان مطمئن ناهن ته هاءِ ڪورٽ جي جج کان جاچ ڪرائن، مچ سانحي جي ذميوارن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. اجلاس ۾ عمر ڪوٽ ۾ ٿيندڙ ننڍين چونڊن لاءِ رينجرز جي مقرري جي منظوري ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اختيارن بابت بل ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل کي عام ٽينڊرنگ جي ذريعي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز کان آجو ڪرڻ جڏهن ته ايف آءِ اي ڪمرشل بينڪنگ سرڪل لاهور کي پوليس اسٽيشن قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ۽ نوشهره ۾ گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوت بابت چار رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪابينا ليگل اينڊ جسٽس ايڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل جي مقرري، نيشنل طب ڪونسل جي نئين ايڊمسٽريٽر جي مقرري، پاڪستان ڪونسل فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي بورڊ آف گورنرز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته اجلاس ۾ قرضن کان سواءِ فنڊن بابت بريفنگ ملتوي ڪئي وئي.

بجلي بريڪ ڊائون هڪ انساني غلطي سبب ٿيو، غفلت ڪندڙ ملازمن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.وزير اعظم عمران خان وزير جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته وزير پنهنجي ڪارڪردگي ۽ وزارتن تي گرفت بهتر ڪن. وزير اعظم عمران خان توانائي واري وزير عمر ايوب جي ڪارڪردگي مان به ناخوش نظر آيو. عمران خان چيو ته شهرين جي مسئلن سان سلهاڙيل وزارتن وٽ غلطي جي گنجائش نه هئڻ گهرجي. ڪابينا اجلاس ۾ مچ سانحي ۽ اسامه ستي ڪيس تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزير اعظم هدايت ڪئي ته اسامه ستي جا والدين حڪومتي ڪارروائي مان مطمئن ناهن ته هاءِ ڪورٽ جي جج کان جاچ ڪرائن، مچ سانحي جي ذميوارن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. اجلاس ۾ عمر ڪوٽ ۾ ٿيندڙ ننڍين چونڊن لاءِ رينجرز جي مقرري جي منظوري ڏني وئي آهي. وفاقي ڪابينا آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي اختيارن بابت بل ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل کي عام ٽينڊرنگ جي ذريعي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز کان آجو ڪرڻ جڏهن ته ايف آءِ اي ڪمرشل بينڪنگ سرڪل لاهور کي پوليس اسٽيشن قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ۽ نوشهره ۾ گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوت بابت چار رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪابينا ليگل اينڊ جسٽس ايڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل جي مقرري، نيشنل طب ڪونسل جي نئين ايڊمسٽريٽر جي مقرري، پاڪستان ڪونسل فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي بورڊ آف گورنرز جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته اجلاس ۾ قرضن کان سواءِ فنڊن بابت بريفنگ ملتوي ڪئي وئي.

January 13, 2021 at 10:08 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو