وفاقي ڪابينا چيني ڪمپني کان ڪورونا ويڪسين خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(بيورورپورٽ) وزير اعظم عمران خان اسلام آباد ۾ پوليس فائرنگ ۾ فوت ٿيل نوجوان اسامه ستي کي قتل ڪندڙ پوليس اهلڪارن جي باري م چيو آهي ته اهڙا بي رحم پوليس ۾ نه هئڻ گهرجن.وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ شيخ رشيد احمد مچ مقتولن جي وارثن سان ٿيل ڳالهين کان آگاهه ڪيو. بابر اعواڻ اسامه ستي جي والدين جو موقف ڪابينا ۾ پيش ڪيو. ڪابينا مڇ حملي ۽ اسامه ستي قتل تي افسوس جو اظهار ڪيو.وزير اعظم عمران خان چيو ته اهڙا بي رحم ماڻهو پوليس ۾ نه هئڻ گهرجن، حڪومت مچ حملي جي متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي.شيخ رشيد احمد بلوچستان ۾ ايف سي جي شهيد اهلڪارن، اسلام آباد ۾ فوت ٿيل اسامه ستي ۽ هزاره ڪميونٽي جي شهيدن جي لاءِ دعائون ڪرايون.وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد وزير اعظم عمران خان کي ڪوئيٽا دوري تي رپورٽ ڏني جڏهن ته ملڪي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون.وفاقي ڪابينا چيني ڪمپني کان ڪورونا وئڪسين خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وئڪسين خريد ڪرڻ لاءِ پيپرا رولز تحت ڊيوٽي کان ڇوٽ ۽ خريداري لاءِ 150 ملين ڊالرز رکڻ جي به منظوري، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ متبادل انرجي بورڊ جي سي اي او رانا عبدالجبار جي استعيفيٰ منظور، ڪابينا جي اجلاس دوران مڇ ۾ هزارا برادري جي 11 پورهيتن جي قتل واري واقعي تي افسوس جو اظهار، پريس ڪاونسل آف پاڪستان ۾ ميمبرز جَي نئين سر مقرري جِي به منظوري ڏني وئي.

January 6, 2021 at 10:10 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو