نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ وڏي راند کيڏي وئي: مريم نواز

لاهور(م ڊ)نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ جيڪا راند کيڏي وئي، اُن سازش جو هڪ هڪ مهرو سامهون اچي رهيو آهي. مريم نواز چيو آهي ته براڊ شيٽ ڪمپني کي نواز شريف خلاف ڪيسز ڳولڻ لاءِ 2 ڪروڙ 87 لک ڊالرز ادا ڪيا ويا، تنهن هوندي به نواز شريف کي نااهل ڪرڻ لاءِ اقامي ۽ سزا لاءِ جج ارشد ملڪ جو سهارو وٺڻو پيو. مريم نواز چيو ته  ايون فيلڊ اپارٽمينٽس ڪيس جي به حقيقت سامهون اچي وئي، خدائي دعوائون ڪندڙ وساري ويهندا آهن ته ڪائناب جو نظام الله تعاليٰ هلائيندو آهي، سازشين جي حساب جو ڏينهن ويجهو آهي.

January 6, 2021 at 10:10 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو