بدلجندڙ عالمي حالتن ۾ اسين ڪٿي بيٺا آهيون؟

ڊاڪٽر شاهنواز ايم ڪي دل

ملڪ جي 73 هين جشن آزادي ملهائڻ جا سُرور پاسي ڪري هاڻي اسان کي عالمي وايو منڊل ۾ پاڪستان جي نئين جوڙجڪ، بيهڪ ۽ اقتصادي، دفاعي، سياسي جڳهه بابت سوچڻ جو وقت اچي ويو آهي، عالمي ليول جي مدبرانه سوچ، ويچار ۽ عملي حڪمت عملين کي عمل ۾ آڻڻ جون ڪوششون ڪرڻيون آهن. موجوده صورتحال ۾ ڪوڊ 19 جي وبا، عالمي افراتفري خوف و حراس، عالمي گولي جي اقتصادي ابتري، ڏيوالپڻي، ادارن جو اقتصادي طور پوئتي پوڻ، ٻي طرف ملڪ ۾ سياسي، معاشي بدنظمي ۽ بد انتظامي ته ڪڏهن کان جاري و ساري آهي، ان سان گڏ هڪ اهڙي افراتفري ۽ بيچيني وارو ماحول جڙي چڪو آهي، جنهن هن فيڊريشن يعني پاڪستان جي اندر مذهبي تفرقي، جهيڙن، سياسي، نسلي، ٻولي جي بنياد تي گروهه بندين ۽ ليڊر شپ جي اڻاٺ ملڪ کي هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، جنهن مان نڪرڻ لاءِ فيڊريشن جي سمورن جزن کي پيار، گهربل عزت، احترام ۽ حق ڏيڻ سان ئي پار پئجي سگهجي ٿو. قومن ۽ ملڪن جي حياتين ۾ اهڙو وقت ضرور ايندو آهي، جڏهن اهي ترقي جا سانڀاها ڪنديون آهن، انهي مهل ٻاهريون قوتون، اندروني انتشاري قوتن کي ڀر ٿي ملڪ ۾ انتشار پکيڙيندي فيڊريشن کي هاڃو رسائڻ جو عملي ترڪيبون لاڳو ڪنديون آهن. انهن اندروني توڙي ٻاهرين ايڪٽرن جي نفسيات ئي اها هوندي آهي ته ملڪ ۾ لُڙ لڳو پيو هجي. ڏڦيڙ واري صورتحال هجي، پاڪستان هڪ شاندار معدني خزانن، موسمن، پاڻين ۽ سمنڊ سان مالا مال رياست آهي، ان ۾ رهندڙ سمورا پاڪستاني انهي ڳالهه کان ڀلي ڀت ۽ واقف آهن ته عالمي ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ڪارپوريٽ عالمي ٺيڪيدارن جون نظرون انهن جي وسيلن تي آهن، پوءِ ملڪ قوم سلطنت جون پاڙون ڪٽڻ لاءِ، يا بنياد کوکلا ڪرڻ لاءِ اهي اندروني ۽ بيروني ايڪٽر ان ۾ پيوست ڪندا آهن، پوءِ اهي سمورا ايڪٽر انهن جي ايجنڊا تي پيا نچندا ڪڏندا آهن، قومن کي ننڍن ننڍن مسئلن ۾ منجهائي وڏا مفاد حاصل ڪندا رهندا آهن. خوبصورت بندرگاهه، هوائي اڏا، روڊ، رستا، ٻيا ذريعا ۽ وسيلا انهن جي نظر ۾ آهن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪي اعليٰ ادارا اهڙين عالمي سازشن کي منهن ڏيڻ لاءِ وجود ۾ آندا ويا آهن، اهي انهي ننڍن ننڍن علائقن جي جهيڙن کي نبيرڻ ۾ لڳا پيا آهن. عالمي طور ملڪ پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار ٿي پنهنجي وجود جي جنگ وڙهي رهيو آهي. 73 هين آزادي گذارڻ کانپوءِ به اسان اڃا تائين پنهنجو پاڻ کي پاڪستاني بڻائي نه سگهيا آهيون. اها هڪ حقيقت آهي ته جڏهن قومون فرقن، نسلن، زبانن رنگن جي فرق واري حسد ۾ مبتلا ٿي وينديون آهن ته ان جا زوال اڻٽر ٿي ويندا آهن، عالمي طاقتن کي ٻڌائڻ گهرجي ته پاڪستان ڪو سندن جنگ جو ميدان ناهي جتي اچي اهي پنهنجون جنگيون وڙهن پيا. عالمي ڏيک ۾ هن وقت آمريڪا ۽ چين هڪ ٻئي کي مات ڏيڻ لاءِ ڏکڻ ايشيا کي جنگ جو ميدان بڻائي چڪا آهن. جڏهن به سانَ  وڙهندا آهن ته نقصان ٻوڙن ۽ ٻوٽن جو ٿيندو آهي. هن سپر پاور جي جنگ جي باهه ۾ اسان ڇو حصيدار ٿيون، اسان وٽ قيادت جي کوٽ عوام کي وائڙو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن 18 هين ترميم اچي ويئي. پاور صوبن کي منتقل ٿي ويا، کاتا ورهائجي ويا ۽ وفاق مان بوجهه گهٽجي ويو، پوءِ وفاقي حڪومت فقط عالمي صورتحال پٽاندڙ ڪم ڪري صوبن، فيڊريشن جي سمورن وحدتن وچ ۾ هم آهنگي، يڪجهتي کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ته هن ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي تاري سگهجي ٿو. هڪ سرد جنگ ختم ٿي ته ٻي سرد جنگ شروع ٿي. اها سرد جنگ هڪ اهڙي جنگ آهي جنهن ۾ معاشي، سياسي ۽ پنهنجي اثر وڌائڻ سان گڏ سرمائيدار ۽ سوشلزم وچ ۾ هڪ وڏو ٽڪراءُ موجود آهي، جنهن وقت روس ۽ آمريڪا وچ ۾ سرد جنگ اوج ٿي هئي انهي مهل چين خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪندي عالمي مارڪيٽ کي پنهنجي اثر هيٺ آڻڻ ۾ جنبيو ويٺو هو، ان جي گواهي سڄي دنيا جي ننڍن، وڏن شهرن ۾ موجود چائنا وسنديون آهن ۽ مارڪيٽ ۾ موجود جنسون آهن جيڪي چين ۾ سستي مزدور کان ٺهرايون وڃن ٿيون، پوءِ انهي جي سستي اگهه تي عالمي مارڪيٽ ۾ کپت ڪئي وڃي ٿي. سرد جنگ دوران جڏهن آمريڪا هٿيار ٺاهيا پئي، ٻين ملڪن تي تيل ۽ معدني وسيلن لاءِ يو اين مشن موڪلي قبضاڪيا پئي ۽ فوجي اتحادي بلاڪ ٺاهيا پئي، انهي مهل چين پنهنجي فيڪٽرين جي چمنين کي ٻاري دنيا جي مارڪيٽ تي راڄ ڪرڻ لاءِ خاموشي سان سستي پورهيت کي استعمال ڪري رهيو هو، ٻه ٽي ڏهاڪا پهرين چين جي جي ڊي پي آمريڪا جي بنسبت اڌ تي هئي هاڻي اچي ان جي برابر ٿيڻ واري آهي. اهڙي صورتحال ۾ بيرحم سياست وٽ لازمي آهي ته اها پنهنجي مفادن لاءِ فردن توڙي ملڪن کي پنهنجي مفاد لاءِ ٻارڻ طور استعمال ڪري سگهي ٿي، اڻ سڌريل ۽ سڌرندڙ ملڪ سدائين شاهوڪار سڌريل ملڪن جي لاءِ راند جو ميدان رهيا آهن، چين، آمريڪا جي وڌاءُ واري پاليسي سبب ڏکڻ ايشيا جون حالتون تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن. هن وقت چين عالمي منڊي تي قبضو ته ڪري چڪو آهي، پر انهن منڊين تائين رسائي لاءِ هن کي ڊگها اڻهانگا ۽ غير محفوظ پنڌ ڪرڻا پون ٿا. انهي لاءِ هاڻي One belt one road هڪ گس هڪ راهداري جي پاليسي تي عمل ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ وڏي سيڙپ کي آڻي رهيو آهي. اسان پاڪستانين کي انهي پراڪسي وار ۾ غير جانبدار رهي انهي سيڙپ مان فائدو وٺڻ لاءِ مدبرانا فيصلا ڪرڻا آهن. چين هڪ وار سان ڪيترائي شڪار ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي. اهو چاهي ٿو ته جنگي لٺ سردار سڏرائڻ کان بهتر ته آهي ته اقتصادي سپر پاور بڻجي ڏکڻ ايشيا توڙي عالمي منڊين تي راڄ ڪري، پنهنجي فالتو ليبر جوکاپو عالمي منڊين ۾ ڪري ۽ ٻئي پاسي انهي سان آمريڪا جو سپر پاور وارو غرور ٽٽندو، منڊين تي قبضي سبب آمريڪا جي معيشت تباهه يا اثرانداز ٿيندي ۽ منڊيون کسجڻ سبب اقتصادي ڏيوالپڻو پڻ آمريڪا جو مقدر بڻجندو. هاڻي اهو سڄو ڪجهه ان منڊين تي قبضو ڪرڻ ۽ اقتصادي طور سپر پاور بڻجي ٻي سپر پاور کي ختم ڪرڻ جي ڪهاڻي جو هڪ ٽيلر آهي، باقي فلم ته اڃا پري آهي، اسين پاڪستاني ان ٽيلر تي ايترا پريشان، حيران ۽ وائڙا لڳا پيا آهيون، جنهن جي حد ڪونهي، ٻي طرف آمريڪا جي سموري ٿينڪ ٽينڪ انهن سڄي مامري کي پروڙي ويٺي آهي ۽ اهي انهي سموري فلم کي پلي ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ جنبي ويٺي آهي، اهڙي صورتحال ۾ هن وقت پاڪستان کي عالمي قرضن، وبا جي هاڃن، اندروني خلفشارن، سياسي وائڙائپ، ملڪ جي وحدتن اندر اٿيل جهيڙن. مذهبي، فرقيواريت، نسلي بنيادن تي ملڪ ۾ نون صوبن جي راڳن ۽ ٻين کوڙ سارن معاملن کي منهن ڏيندي انهن عالمي وڏن جي جهيڙي ۾ ٻارڻ يا ميدان ٿيڻ، جهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو آهي، اهڙي صورتحال جنم وٺي چڪي آهي جو دنيا جي اندر انهن سمورين تبديلين جو اثر پاڪستان تي پئجي رهيو آهي.  هن وقت پاڪستان جي شهه رڳ ڪشمير جو مسئلو به انهي نئين عالمي جوڙجڪ کانپوءِ چوواٽي تي پهچي چڪو آهي، ان سان گڏوگڏ موجوده وقت ۾ جڏهن مودي جي بنياد پرستي ۽ هڪ هٺي کي دنيا جي هوڏي طاقتور حڪومتن جي غير مشروط حمايت حاصل آهي، پاڪ سعودي تڪرار اڀري رهيو آهي. اسرائيل ۽ يو اي اي وارن جو پاڻ ۾ ٿيل تازو ٺاهه، ڀارت سان گڏ بيٺل ملڪ نيپال ۽ ڀوٽان جو چين جي ڪيمپ ۾ اچڻ، تازو ايران پاران ڀارت سان چابهار بندر جي عالمي ليول مطابق ٺاهڻ واري منصوبي ۽ وچ ايشيا ۽ افغانستان کي ريل ۽ روڊ سان ڳنڍڻ وارو منصوبو ختم ڪري چين سان اهڙو معاهدو ڪري چين جي ڪيمپ ۾ پهچي ويو آهي. انهي سموري اٿل پٿل، جهيڙن جي سزا آمريڪا چين جي ٻين ساٿارين سان گڏ پاڪستان کي به ڏيندو، عرب ملڪن ۾ لکين ماڻهن جو روزگار داءُ تي لڳندو ۽ ٻيا ڪيترائي اقتصادي نقصان ٿيندا، تبديل ٿيل صورتحال جي پروڙ هئڻ باوجود عمراني سرڪار، نواز ليگ ۽ پ پ کي هيٺ ڏيکارڻ، ذاتي دشمنيون نڀائڻ  ۾ حڪومتي وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهن ۽ ملڪ کي ٻنهي طاقتور ڌرين مان ڪنهن هڪ جي پاسي ٿي بيهڻ بدران ٻنهي وچ ۾ ٽنگيو بيٺا آهن، تنهنڪري  ملڪ جي صورتحال اها وڃي بيٺي آهي جو وفاق جي حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي، وفاقي وزارتون پڻ  مڪمل طور غير فعال ۽ ناڪام ٿي چڪيون آهن. سنڌ جي اندر صوبا ٺاهڻ جا شوشا، سنڌو درياهه مٿان ڊيم اڏڻ، 18 هين ترميم جي خاتمي، صوبن کي ملندڙ مالياتي ايوارڊ جي ورڇ، آرٽيڪل 149 جو ذڪر، ڪراچي تي توڙي سنڌ تي قبضي جي پروپيگنڊا جيڪا ڇيهه ئي نه ڪري رهي آهي، وفاق جو نمائندو جيڪو 18 هين ترميم کانپوءِ هڪ غير فعال گڏو بڻجي چڪو آهي، ان کي روز به روز سنڌ جو وائسراءِ ٿيڻ جا خواب اچن ٿا، ڪراچي کي خوني نفيس ماڻهن سان گڏ ان صاحب جو دل ڌڙڪي ٿو. عالمي بدلجندڙ منظرنامي ۾ به هي وفاق عقل کان ڪم نٿو وٺي، جتي پيار پاٻوهه ۽ برابري واري سلوڪ جي ضرورت آهي، اتي اڄ ڪلهه انساني حقن جي انحرافي ڪندي ماڻهو پراسرار نموني کنڀيا وڃن ٿا، عمراني حڪومت سنڌ ۾ پ پ حڪومت کي ته پهرين ڏينهن کان مٿئين دل سان به قبول ناهي ڪيو، انهن ته وفاق ۾ حلف کڻڻ کان وٺي اڄ تائين ملڪ جي ڀلائي بدران سنڌ ۽ سنڌ حڪومت جي اختيارن کي گهٽائڻ لاءِ گهڻو ڪم  ڪيو آهي، گڊ ورننس، اقتصادي سڌارا، عالمي ليول تي بقا لاءِ لابنگ ڪم نه ڪيو، تازو پ پ جي چيئرمين هڪ پريس ڪانفرنس ۾ بهترين ڳالهه ڪئي ته جڏهن هڪ صحافي سوال پڇيو ته توهان کي سنڌ يا سنڌ حڪومت مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پئي، پوءِ ته انهي ته وڏي واڪي چيائين ته سنڌ اول آهي، اسان ته ايتري مالڪي تي به سرها آهيون پر ان کان به وڌيڪ اسان کي اڳڀرو ٿيڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته ترقي ڀلي اچي اها سي پيڪ جي روپ ۾ هجي، نوان شهر اڏڻ، نوان موٽروي، نوان هوائي توڙي سامونڊي اڏا اڏڻ جي روپ ۾ اچي پر سنڌ جي بنيادن، وحدتن، سرحدن، وسيلن، پاڻين، روڊن، رستن، گهٽين، وڻن، دريائن، سمونڊن، گهٽن گهيڙن تي فقط سنڌ جي ماڻهن جو ازلي حق آهي،  عمراني سرڪار کي گهرجي ته سندس ناڪام ٽيم وزيرن، مشيرن کي ماضي جي تاريخ پڙهائي، هن عمران خان کي گمان آهي ته هو منزل ڪٽي رهيو آهي پر اسين چئون ٿا انهي سان هو منزل وڃائي رهيو آهي، وفاق جون اهي سنڌ ۾ حددخليون سنڌ جي هر ساڃاهه وند سنڌي کي هرگز قبول ناهن.

Shahnawazbest74@gmail.com

August 21, 2020 at 1:05 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو