سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سانوڻي جي برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو

حيدرآباد: (اربع 20 اپريل 2022ع) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سانوڻي جي برسات کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي، پکو، لاڙڪاڻو، لعلو رائنڪ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سانوڻي جو پهريون وسڪارو ٿيو آهي.پکو جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفان سان پوندڙ برسات ۽ ڳڙي سبب علائقي واسين کي ڪافي نقصان پهتو آهي. […]
وزيراعظم شهباز شريف جي صدر عارف علوي سان ملاقات

اسلام آباد: (اربع 20 اپريل 2022ع) وزيراعظم شهباز شريف ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر عارف علوي وچ ۾ مختصر ملاقات ٿي آهي جنهن جو ٽائيم 15 کان 17 منٽ هو. ملاقات کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف ايوان صدر مان روانو ٿي ويو آهي. […]
وفاقي حڪومت ثناءُالله عباسي کي هٽائي رائو طاهر کي نئون ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (اربع 20 اپريل 2022ع) وفاقي حڪومت ڊي جي ايف آءِ اي ثناءُالله عباسي کي هٽائي رائو طاهر کي جاچ اداري(ايف آءِاي) جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪري ڇڏيو آهي. نئين ڊي جي ايف آءِ اي رائو طاهر 6 سال سي ٽي ڊي پنجاب جي سربراهي ڪئي. جڏهن ته هو ڊي آءِ جي لاهور، فيصل […]
صدر عارف علوي گورنر عمران اسماعيل جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي، آغا سراج دراني سنڌ جو وقتي گورنر مقرر

ڪراچي: (سومر 18 اپريل 2022ع) صدر عارف علوي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي. ڪابينه ڊويزن استعيفيٰ منظور ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.نئين گورنر جي مقرري تائين سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني وقتي سنڌ جي گورنر طور فرض انجام ڏيندو. ياد رهي ته سنڌ جي […]
آءِ ايم ايف سان تعاون ۽ تعلق برقرار رکڻ چاهيون ٿا: مفتاح اسماعيل

لاهور:(سومر 18 اپريل 2022ع) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) سان ستين جائزي بابت ڳالهيون اڄ ٿينديون. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته هن وقت آءِ ايم ايف سان اجلاس لاءِ تياريون ڪري رهيو آهيان.آءِ ايم ايف سان تعاون ۽ تعلق برقرار رکڻ چاهيون […]
نور عالم خان اڳوڻن وزيرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (سومر 18 اپريل 2022ع) تحريڪ انصاف جي باغي اسيمبلي ميمبر نور عالم خان اڳوڻن وزيرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي نور عالم خان چيو ته هاڻ به چوان ٿو ته اڳوڻن وزيرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ گهرجن. […]
حمزه شهباز جي حلف برداري نه ٿيڻ تي(ن) ليگ لاهور هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: (سومر 18 اپريل 2022ع) حمزه شهباز جي بطور پنجاب جي وڏي وزير طور تي حلف برداري نه ٿيڻ تي(ن) ليگ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.رپورٽ موجب نئين چونڊيل پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جي حلف برداري نه ٿيڻ جي معاملي تي مسلم ليگ(ن) قانوني رستو اختيار ڪندي […]
گهڻن ڏينهن تائين پيٽروليم شين جون قيمتون ساڳيون نٿا رکي سگهون: وزيراعظم

اسلام آباد: (ڇنڇر 16 اپريل 2022ع) حڪمران اتحاد جي پارلياماني پارٽي جي گڏيل اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب حڪمران اتحاد جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اڄ وفاقي ڪابينه جي پهرين مرحلي جا نالا فائنل ٿي ويندا.ڪابينه جي پهرين مرحلي ۾ سمورين اتحادي پارٽين کي […]
پنجاب اسيمبلي: (ن) ليگ ۽ تحريڪ انصاف جا ميمبر آمهون سامهون، تشدد سبب پرويز الاهي زخمي

لاهور: (ڇنڇر 16 اپريل 2022ع) پنجاب اسيمبلي ۾ هنگامي دوران ڪيترائي اسيمبلي ميمبر زخمي ٿي پيا آهن.وڏ وزارت جو اميدوار چوڌري پرويز الاهي به هنگامي دوران تشدد سبب زخمي ٿي پيو. هنگامي دوران چوڌري پرويز الاهي کي ايوان مان ٻاهر ڪڍيو ويو جنهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پرويز الاهي منهنجي ٻانهن ڀڄي پئي آهي […]
سعودي شهزادي جو وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون، سعودي عرب دوري جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (ڇنڇر 16 اپريل 2022ع) وزيراعظم شهباز شريف کي سعودي شهزادي محمد بن سلمان سعودي عرب دوري جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.سعودي شهزادي وزيراعظم شهباز شريف کي فون ڪري سعودي عرب دوري جي دعوت ڏني. محمد بن سلمان شهباز شريف کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ جي پڻ مبارڪباد ڏني. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز […]