گهڻ رُخي شخصيت سيد امداد محمد شاهه

قاضي جاويد سنائي

امداد محمد شاھ 30 ڊسمبر 1935 ۾ سن ۾ پئدا ٿيا. سندن ذات ھڪ گھڻ رخي شخصيت ھئي۔ ڏٺو وڃي تہ ھر انسان جي شخصيت گھڻ رخي ھوندي آھي پر تمام ٿورا ماڻھو اھڙا ھوندا آھن جن جي شخصيت جو ھر رخ شاھوڪار ھجي۔ سندس ذات جون نمايان خصوصيتون شاندار تعليمي پس منظر (اھڙي دور ۾ تعليم تعليم يافتہ ھجڻ، جڏھن تعليمي سھولتون اڻلڀ ھيون .نمايان سياسي، تعليمي ۽ روحاني خانداني پس منظر زراعت جي گهري ڄاڻ  اعليٰ سماجي ورڪر مثالي سماجي منصف،  ابتدائي پرائمري تعليم سن ۽  وڌيڪ تعليم ڪراچي ۾ حاصل ڪيائون. قانون جي ڊگري حيدرآباد لا ڪاليج مان حاصل ڪرڻ کان پو ٻه سال وڪالت ڪئي. پاڻ سٺ جي ڏهاڪي ۾ سن کان سڪرنڊ جي علائقي ۾ اچي آباد ٿيا هئا. سياسي ڪيريئر جي شروعات عوامي ليگ سان ڪئي. بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کانپو ڪنهن به پارٽي ۾ حصو نه ورتائون. امداد محمد شاھ سڄي حياتي جمهوريت جو پرجوش حامي رهيو. پاڻ ايوب خان جي مارشل لا خلاف ۽ محترمه فاطمه جناح جي اليڪشن مهم ۾ حصو ورتائون. قوم پرست سياست جي باني شخصيت غلام مرتضى شاه جو فرزند ھجڻ باوجود امداد محمد شاھ پاڻ کي پارٽي سياست کان پاسيرو رکيو۔ سڪرنڊ ۽ ان جي پس گردائي ۾ پارٽي سياست، پيري مريدي، سرداري، ذات پات کان پاسيرو رھي “سماجي سياست” جو تصور امداد محمد شاھ ڏنو۔ سندن ذات جو محور “اجتماعي تعليمي، طبي سماجي خدمت” ھئي۔ پاڻ پارلياماني سياست ۾ اچڻ کان پھرين، دوران ۽ پوءِ انفرادي تعلقات ۽ مفادات کان بالاتر ٿي ھميشہ عوام جي اجتماعي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ھئا۔ تعليم ۽ صحت جي شعبن سان سندن ڪمٽمنٽ انتھا درجي جي ھئي، پاڻ ذاتي، سماجي ۽ سياسي ڪوششون وٺي اسڪول، صحت جا بنيادي مرڪز نہ صرف منظور ڪرائيندا ھئا، بلڪہ انھن جي تعمير دوران ۽ ٺھڻ کانپوءِ عملي طور ڪم دوران ان جي انتھائي دلچسپي سان مڪمل پوئيواري ڪندا ھئا۔ سندن عام عادتن ۾ شمار ھو تہ جڏھن ڪا اسڪول يا صحت مرڪز جي تعمير ٿيندي ھئي تہ پاڻ موقعي تي اچانڪ پھچي ڪري معيار جو جائزو وٺندا ھئا۔ ڪنھن ڳوٺ ۾ يا رستي تي ڪو ٻار اسڪول ٽائم تي ڏسندا ھئا تہ اسڪول پھچي استادن کان آڏي پڇا ڪندا ھئا۔ اسڪول ۽ صحت مرڪز ۾ ذاتي ڪوششن سان قابل استادن ڊاڪٽرن ۽ ٻئي طبي عملي جي پوسٽنگ ڪرائي انھن جي حاظري کي يقيني بنائيندا ھئا۔ عام ماڻھو جي فلاح تعليم ۾ سمجھڻ ڪري سندن خاص دلچسپي تعليم سان رھي۔ امداد محمد شاھ جي ذات جي لفظي تعريف کان بهتر ٿيندو ته انهن جي ڪارنامن کي اجاگر ڪجي. پاڻ جيڪي تعليمي ادارا منظور ڪرايا انهن جي تفصيل هي آهي.

زراعت سان دلچسپي سبب کين زراعت جي شعبي جي بھترين ڄاڻ هئي۔ پاڻ ملڪي ۽ صوبائي سطح جا زراعت جا وڏا ادارا سنڌ سيڊ ڪارپوريشن، ڪاٽن ريسرچ انسٽيٽيوٽ، زرعي ڪاليج ۽ ڪڻڪ جو تحقيقاتي ادارو قائم ڪرايا۔ مڊل اسکول… مجيد ڪيريو، صابو راھو، سُکيو مناھيو، کڏھر، محراب پور، گابر ڏاھري، مير محمد جونو، لاکاٽ، لاکا آباد ۽  رمضان راھو.  ھائي اسڪول….. دليل ديرو، کٻڙ لکمير، لانڍي، حسن جمالي، مھر علي جمالي، حمل فقير، ٻُڍل شاھ، بچل پور۽ ماڙي جلباڻي. قاضي احمد جي ھائي اسڪول جي ھائر سيڪنڊري اسڪول ۾ اپگريڊيشن. ڳوٺ لانڍي اسڪول جي پروجيڪٽ کي جڏھن ڪراچي جي علائقي لانڍي منتقل ڪرڻ سازش کي روڪرائي ڳوٺ لانڍي ضلع نوابشاھ ۾ قائم ڪرائڻ ۽ ٻڍل شاھ ۽ مشاخ جي ھائي اسڪولن جا ختم ٿيل ڪانٽريکٽ ذاتي اثر رسوخ استعمال ڪندي ايگزيڪٽو انجينيئرز کان پوين تاريخن ۾ منظور ڪرائي ڪانٽريڪٽ ٻيھر منظور ڪرائي، اتي راتون رات ڪم شروع ڪرائي اھي اسڪول ٺاھرائڻ جو مڪمل ڪريڊٽ کين حاصل آھي۔ پڪن روڊن رستن جوتصور جيڪو پهرين اڻلڀ هو، علائقي ۾ اهو ڄار امداد شاھ پنھنجي انفرادي ڪوششن سان ڪچي جي علائقن تائين وڇرايو۔ 1979۾ پاڻ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوابشاهه جا ميمبر منتخب ٿيا. 1985 ۽ 1988ع ۾آزاد حيثيت ۾ سنڌ اسمبلي جو ميمبر منتخب ٿيا  سنڌ اسمبلي جو ميمبر منتخب کانپوءِ پاڻ حڪومت ۾ شامل ٿي وزارت حاصل ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ کان، اپوزيشن ۾ ويھي سنڌ جي اجتماعي مفادن جي تحفظ لاءِ آواز اٿاري اصولي سياست جو اهڙو شاندار مثال ڪيو جنهن تي تاريخ جو ڳاٽ اوچو آهي. ان وقت سنڌ جي پاڻي جي  حق ۽ ڪالا باغ ڊيم جي خلاف سندن سنڌ اسمبلي جي ڏاڪڻ تي ڪيل بک ھڙتال ۽ احتجاج تاريخ جو حصو آھي۔ ٽن ميمبرز جي علامتي اپوزيشن عملي طور ھڪ ميمبر امداد محمد شاھ تي ئي مشتمل ھئي۔ پاڻ اڪيلي سر سنڌ جي مفادات جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو ۽ تحفظ ڪيو۔ قوم پرست سياسي خانداني پس منظر ھجڻ باوجود پاڻ عملي طور اردو ڳالھائڻ وارن ماڻھن سان گھري سماجي رابطي ۾ رھيا ۽ پنهنجي عمل سان ان تاثر جي واضح نفي ڪئي تہ ڪو اردو ڳالھائڻ وارن جي ڪا ثانوي حيثيت آھي۔ پاڻ اردو ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارين آبادين ۾ ويڇا ختم ڪرائڻ ۾ هميشه اڳڀرا رهيا. 90 واري ڏهاڪي ۾ مهاجر قومي موومينٽ ۽ جيئي سنڌ محاذ وچ ۾ ويجهڙائپ جا محرڪ به امداد محمد شاھ ۽ سندن فرزند ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جلال محمود شاھ هئا. امداد محمد شاھ روايتي وڏيرڪي منفي ڪرتوتن کان نہ صرف پاڻ پاسيرا رھيا پر سندن فرزند جلال محمود شاھ، زين شاھ بہ سندن سماجي ۽  خانداني روايتن کي زندہ رکيو آھي۔ ڪرپشن، جرم ۽ مجرم سان فاصلو رکڻ سندن خاندان جي اھڙي سنهري روايت رھي آھي جو سندن بدترين مخالف بہ آڱر کڻڻ جي سگھ ساري نہ ٿو سگهي ۔ سماجي سطح تي بحيثيت منصف سندن ڪيل فيصلن کي سنڌ جي سطح تي سراھيو ويندو رھيو آھي۔ سنڌ جي تاريخ ۾ جڏھن بہ سماجي خدمت، علم دوست ۽ بي داغ قيادت تي ورق لکبا تہ انھن تي امداد محمد شاھ جو نالو نمايان سنهري لفظن طور جرڪندو. 29 سيپٽمبر 2004ع تي 79 سالن جي ڄمار ۾ سندن انتقال مجيد ڪيريو ۾ ٿيو.

 

 


September 29, 2016 at 2:06 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو