مخالف ڌر نيب سميت ٻين ترميمن بابت گڏيل فيصلو عيد کانپوءِ اي پي سي ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو جي ترميم لاءِ جوڙيل پارلياماني ڪميٽي ۾ شامل مخالف ڌر ميمبرن اعلان ڪيو آهي ته حڪومت اسان جون تجويزون مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ گڏيل فيصلو عيد کان پوءِ اي پي سي ۾ ٿيندو.اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي ٻين ميمبرن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته گذريل ڏينهن کان ميڊيا ۾ اِها ڳالهه اچي رهي آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ بل تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ هڪ ڪميٽي به بڻي هئي جيڪا بل کي ڏسندي.هن چيو ته گذريل هفتي حڪومت چيو ته اسان 4 بلن کي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ٻنهي ۾ گڏيل طور منظور ڪرائڻ چاهيون ٿا.هن چيو ته انهن مان ٻه بل دهشتگردي جي انت واري ايڪٽ ۾ ترميم، هڪ بل گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي ايڪٽ ۽ هڪ قومي احتساب بيورو نيب جي قانون ۾ ترميم بابت هو.اڳوڻي وزير اعظم چيو ته اسان حڪومت کي چيو هو ته جيڪڏهن اِهو بل قومي مفاد ۾ آهي ته اسان حاضر آهيون ۽ انهن بلن تي پارليامينٽ جي ڪميٽي بڻي جيڪا منفرد ڳالهه هئي ڇو ته ان کان اڳ ارڙهين ترميم جي لاءِ ڪميٽي بڻي هئي ۽ منهنجي خيال ۾ ان کان سواءِ پارلياماني ڪميٽي جو مثال نٿو ملي.سندس چوڻ هو ته بلن تي هڪ ڪوڙي ڪميٽي ۾ ڳالهيون ٿيون ۽ حڪومت دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ترميم جو هڪ بل پيش ڪيو، جيڪو خوفناڪ بل هو، جنهن تي اسان حڪومت کي چيو ته جيڪڏهن اِهو بل منظور ڪنداسين ته پوءِ پاڪستان هڪ جمهوريت نه رهندو پر بدترين آمريت بڻجي ويندو.هن چيو ته ان بل تي ڪافي بحث ٿيو پر اسان واضح ڪيو ته ان جي حمايت ڪنهن صورت ۾ نٿا ڪري سگهون، جنهن تي بل کي واپس ورتو ويو.شاهد خاقان عباسي چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل بابت جيڪو بل هو ان تي اسان هڪ ترميم تجويز ڪئي جنهن کي قبول ڪيو ويو.هن چيو ته دهشتگردي جي انت واري عدالت بابت ٻئي بل جو مسودو بحث آهي جنهن جي لاءِ اسان تجويزون ڏنيون آهن.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت خيرسگالي جي طور تي ڳالهيون نه پئي ڪري ۽ وڌيڪ ڳالهيون نٿي ڪري سگهي ان ڪري اسان ان ڪميٽي جي اجلاس کان واڪ آئوٽ ڪيو ۽ هاڻي فيصلو ڪيو ته جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي اُهو عيد کان پوءِ اي پي سي جي فورم سان ڳالهيون هونديون.ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان شاهد خاقان عباسي جي تائيد ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي به اِهو ئي موقف رکي ٿي ۽ وسيع ترمفاد جي خاطر شروع ڏينهن کان وڏي ڪوشش ڪئي.حڪومت کي مخاطب ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز انهن کي اِهو ئي چيو ته پارليامينٽ کي فعال بڻايو ماڻهن کي حوصلو ڏيو ۽ عوام کي اتحاد جو پيغام ڏيو.سندس چوڻ هو ته ڪورونا هجي يا ڪشمير يا ڪو ٻيو مسئلو پيش هجي اسان پاڪستان جي لاءِ گڏ بيهندا آهيون، هن وقت اسان 4 بلن تي ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ان کي اي پي سي ۾ بحث هيٺ آندو.شيري رحمان چيو ته چيئرمين بلاول لاهور ۾ آهي، جتي شهباز شريف سان هن جي ملاقات ٿيندي ۽ اُتي هن تي مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿينديون، ان سلسلي ۾ پارلياماني ڪميٽِي جَي سربراهه شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اپوزيشن نيب قانون ۾ ترميم لاءِ 35 تجويزون پيش ڪيون، جن کي رد ڪيو ويو آهي، اپوزيشن جِي تجويزن تي قانون ٺهيو ته احتساب جو ادارو ئي نالَي ماتر رهجي ويندو، ملڪي مفاد مٿانهان هجڻ گهرجن، ٻئي طرف وزير اعظم جي گهرو معاملن بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف جي بدلي مخالف ڌر جيڪو گهري پئي اُهو تحريڪ انصاف ته ڇا پر ڪا به حڪومت نٿي ڏئي سگهي.مخالف ڌر طرفان نيب ترميم تي وڌيڪ ڳالهين کان انڪار ۽ قانون سازي واري پارلياماني ڪميٽي جي بائيڪاٽ تي رد عمل ظاهر ڪندي سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر جي 35 نڪتن جو مطلب نيب کي بند ڪرڻ آهي. مخالف ڌر جا اهڙا نقطا آهن، جن تي ڳالهيون نٿيون ڪري سگهجن.هن چيو ته وزير اعظم جو موقف آهي ته احتساب جي عمل تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته احتساب جي عمل کي بند ڪيو وڃي، اسان مخالف ڌر کان اپيل ڪيون ٿا ته قومي سلامتي بابت ايشوز تي قدم وڌائي. ان ايشو تي حڪومت کي بليڪ ميل نه ڪيو وڃي.ٻئي پاسي قانون واري وفاقي وزير بيرسٽر فروغ نسيم چيو ته قانون سازي بابت پارلياماني ڪميٽي ۾ ڊيڊ پيدا ٿي ويو آهي.مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته جيستائين الزام ثابت نه ٿين نيب گرفتار نه ڪري. نيب قانون 16 نومبر 1999ع کان لاڳو هئڻ گهرجي ها. جيڪڏهن ڪنهن 5 سالن جي اندر ڏوهه ڪيو ته انهيءَ تي ڪيس ٿيڻ گهرجي.

July 29, 2020 at 12:31 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو