پي ٽي آءِ حڪومت جو وڌيڪ رهڻ ملڪ ۽ عوام لاءِ خطري کان گهٽ ناهي، نڪتاسين ته حڪومت ڪِري پوندي: پ پ/ نواز ليگ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ن ليگ صدر شهباز شريف اسان کي ليڊ ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جيڪڏهن اسان ٻاهر نڪتاسين ته ڌرڻي جي ضرورت نه پوندي، اسان رستي ۾ هونداسين ۽ عمران خان جي حڪومت ڪِري پوندي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ن ليگ صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.هن چيو شهباز شريف جا ٿورائتا آهيون جو هن دعوت ڏني ۽ چانهه به پياري.پ پ چيئرمين تحريڪ انصاف حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان جي حڪومت هر پاڪستاني جي صحت ۽ زندگي لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي، سموريون اپوزيشن جماعتون ۽ عوام هڪ پيج تي آهي، حڪومت کي ڪڍڻو پوندو، ڏکيائين مان گذرڻ عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا.سندس چوڻ هو ته تاريخ ۾ پهرين حڪومت آهي، جنهن ۾ اٽي، کنڊ ۽ پيٽرول جي چوري ٿي، جيڪي ڪرپشن اسڪينڊل پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ٿي رهيا آهن، ان تي ڪا جاچ نه پئي ٿئي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان گڏجي پاڪستاني عوامي جي مسئلن تي روشني وجهندا آهيون، عيد کانپوءِ رهبر ڪميٽي ۽ اي پي سي ميٽنگ ۾ عوام لاءِ خوشخبري هوندي.هن چيو ته جيترا اين آر او هن وزيراعظم ڏنا ايترا ڪنهن نه ڏنا، حڪومت سان جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ اپوزيشن ڪو رليف نه پئي گهري، ان هائوس تبديلي يا مڊ ٽرم چونڊن جي ڳالهه اسان ٽيبل تي رکي آهي، سڀني سياسي جماعتن کي هڪ ڳالهه تي متفق ٿيڻو پوندو ته ڇا ڪرڻو آهي.پ پ چيئرمين موجب جيڪڏهن مون کي شهباز شريف سان ملاقات نه ڪرڻي هجي ها ته قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير کي جواب ڏيان ها، اپوزيشن جو موقف چِٽو آهي، اسان نيب ۽ ايف اي ٽي ايف قانون ۾ ترميم جي حمايت نه ڪنداسين.سندس چوڻ هو ته عمران خان سان گڏ عوام نه هو، جڏهن اسان ٻاهر نڪرندا آهيون ته ڌرڻي جي ضرورت ناهي هوندي، اسان اڌ رستي تي پهچنداسين ۽ عمران خان جي حڪومت ڪِري پوندي، ن ليگ صدر شهباز شريف اسان جي انقلاب جي سربراهي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته اپوزيشن جماعتن جو اتفاق آهي ته حڪومت ٻن سالن ۾ معيشت کي وڏو نقصان پهچايو، پاڪستان ۾ اڄ مهانگائي آسمان تي پهچي وئي آهي، دنيا ۾ ڪورونا وبا کانپوءِ مهانگائي گهٽجي وئي پر پاڪستان ۾ وڌي وئي، حڪومت وٽ ان مهانگائي جو ڪو جواب ناهي.هن چيو ته حڪومت جون 50 لک گهر ٺاهڻ جون دعوائون ڪاڏي ويون؟ لکين ماڻهو اڄ بيروزگار ٿي چڪا آهن، هاڻي باقي ڇا رهيو آهي، ڪاڏي ويا نوڪريون ڏيڻ وارا؟ ملڪ جي جي ڊي پي 2018 ۾ 5.8 تي اچي چڪي هئي ۽ هاڻ اها 1.9 تي اچي وئي آهي.سندس چوڻ هو ڪاروبار تباهه ٿي ويو، ايترا يوٽرن ٿي چڪا آهن جو واپاري ڪا ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ناهن، حالتون سڌارڻ حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي.اپوزيشن ليڊر چيو هاڻ چوڻ ضروري ٿي ويو آهي ته عمران خان جي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جو وڌيڪ رهڻ ملڪ ۽ عوام لاءِ خطري کان گهٽ ناهي.شهباز شريف چيو ته عيدالاضحيٰ کانپوءِ اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن کانپوءِ اي پي سي ۾ ايجنڊا ورتي ويندي، هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽيون گڏجي وچ مدي وارين چونڊن يا اِن هائوس تبديلي بابت فيصلو ڪنديون.جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته مخالف ڌر رهبر يا اي پي سي ۾ جيڪو فيصلو ٿي ويو، اسان ان جي موجب هلنداسين ۽ جيستائين پاڪستاني عوام جو تعلق آهي ته سمورن صوبن جو عوام هڪ پيج تي آهي ان ڪري مخالف ڌر کي جلد کان جلد عوام جي اميد تي پورو لهندي انهن جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزير اعظم عمران خان کي وڃڻو ئي پوندو.ڪورونا وائرس بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا ۽ ڪجهه سياسي پارٽين مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي صحت تي سياسي ڪئي جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رحمان ملڪ خلاف پاڪستاني ۾ رهندڙ آمريڪي بلاگر سنٿيارچي جي الزام بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رحمان ملڪ يقينن گهرو ڪميٽ وزارت جي ڪميٽي جي حيثيت سان آمريڪي بلاگر سان ملاقات ڪئي هوندي پر هو الزامن بابت ضرور پڇاڻو ڪندو.هڪ سوال جي جواب ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن هڪ پارٽي جي تياري ٻئي جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿئي ته اسان توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ هڪ ٻئي تي تنقيد نه ڪنداسين.هن چيو ته عيد کان پوءِ رهبر ڪميٽي ڳالهين کان پوءِ ايجنڊا طئي ڪندي ۽ ان کان پوءِ اي پي سي حڪمت عملي مرتب ڪندي.اسان مسلسل ٻن سالن کان هڪڙي ڳالهه واضح ڪري رهيا آهيون ته عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، جيڪو واپس ڪيو وڃي، هڪ حقيقي مينڊيٽ سان قوم جي نمائندگي ڪندو.هن چيو ته ٻن سالن ۾ ملڪي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي، حياتي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ واپاري دانهيون پيا ڪن، اسان جي ترجيح ملڪي معيشت کي کڻڻ آهي.مولانا فضل الرحمان چيو ته هن حڪومت جي جائز کي نٿا سمجهون ، اسان پهرين ڏينهن کان موجوده حڪومت جي هٿان بيعت نه ڪئي ڇو ته هي هاڻ به نااهل آهن.

July 29, 2020 at 12:27 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو