اسان جي پارٽي هاڻي حڪومت جي اتحادي ناهي رهي، وزيراعظم جي ڊنر ۾ شرڪت نه ڪنداسين:اختر مينگل

 اسلام آباد: (بيورو) بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي مينگل) اڄ وزيراعظم عمران خان طرفان ڏنل ڊنر جي دعوت ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن بلوچستان نيشنل پارٽي(مينگل) جي اڳواڻ سردار اختر مينگل حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿي ويو هو. تحريڪ انصاف طرفان پرچائڻ جي ڪوششن تي هن چيو ته حڪومت ۾  واپس وڃڻ هاڻ منهنجي وس ۾ ناهي. حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو آهي اهو ڪنهن هڪ ماڻهو جو فيصلو ناهي. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان  اڄ اتحادي پارٽي جي اڳواڻن کي ڊنر تي گهرايو آهي. بي اين پي کي به ڊنر ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي پر انهن ان دعوت ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. بي اين پي جي اڳواڻ جهانزيب جمالديني چيو آهي ته وزيراعظم جي ڊنر واري دعوت اتحادين جي لاءِ آهي. اسان جي پارٽي هاڻ  حڪومت جي اتحادي ناهي رهي ان لاءِ ان جو وزيراعظم جي  ڊنر ۾ شرڪت جو ڪوبه جواز ناهي. واضح رهي ته بي اين پي جي ڌار ٿيڻ کان اڳ تحريڪ انصاف جي حڪومت کي قومي اسيمبلي ۾ سمورن اتحادين جي مدد کان پوءِ 186 سيٽون حاصل هيون جيڪي هاڻ بي اين پي جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ 182 رهجي ويون آهن. جڏهن ته مرڪز ۾ حڪومت برقرار رکڻ جي لاءِ تحريڪ انصاف کي 172 ميمبرن جي اڪثريت حاصل آهي. جيڪا هن وقت به برقرار آهي. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان جتي اڄ اتحادي جماعتن جي اڳواڻن کي ڊنر تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي، اتي ئي وري ق ليگ جي چوڌري ڀائرن به اڄ ئي اتحادي جماعتن سميت آزاد اسيمبلي ميمبرن کي ڊنر جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري ڀائرن اتحادي اڳواڻن کي وزيراعظم جي ڊنر کان اڳ ئي دعوت ڏني ۽ اتحادي جماعتن جا ڪيترائي اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي کي ڊنر تقريب ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي چڪا آهن. چوڌري ڀائرن طرفان حڪومتي اتحادي جماعتن ايم ڪيو ايم، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس سميت آزاد ميمبرن کي دعوت ڏني وئي آهي پر ڊنر تقريب ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻن کي ناهي سڏيو ويو. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان اڄ حڪومتي قومي اسيمبلي ميمبرن جي اعزاز ۾ اتحادي جماعتن جي اڳواڻن کي ڊنر تقريب ۾ گهرايو آهي، جيڪا وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندي. حڪومتي اتحادي جماعت ق ليگ وزيراعظم عمران خان طرفان ڏنل ڊنر تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ق ليگ ترجمان جو چوڻ هو ته حڪومت جا اتحادي آهيون پر ڊنر ۾ شرڪت نه ڪنداسين، ڇو ته پارٽي اڳواڻ رڌل آهن پر بجيٽ جي منظوري جي عمل ۾ حڪومت کي ووٽ ڏئي رهيا آهيون. ق ليگ کانسواءِ بلوچستان نيشنل پارٽي پڻ ڊنر ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته ريلوي جي وفاقي وزير، وزيراعظم عمران خان جي ڊنر دعوت ۾شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي،  هن چيو ته آئون ڪورونا وبا جي بيماري مان هاڻي گهر پهتو آهيان، آرام ڪرڻ چاهيان ٿو.

June 29, 2020 at 6:58 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو