ڪورونا وائرس جي وبا ملڪ تيزي سان پکڙجي رهي آهي: سيد ناصر شاهه

ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ جي اطلاعات، بلديات، ھائوسنگ ٽائون پلاننگ، مذھبي معاملن، جھنگلات و جھنگلي حيات ۽ وائلڊ لائيف واري وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آھي ته وفاقي حڪومت سان گڏجي نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي فيصلن جي روشني ۾ جن ڪاروباري سرگرمين کي کولڻ جي اجازت ڏني وئي آھي انھن کي سومر کان کوليو ويندو ان سان گڏوگڏ جيڪي بازارون ان فيصلي جي دائري ۾ اچن ٿيون انھن کي به کوليو ويندو پر ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لازمي ھوندو. اھڙن خيالن جو اظھار ھن پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو.اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته ڪميٽي جي فيصلن موجب وڏين مارڪيٽن ، شاپنگ سينٽرن ۽ ڊيپارٽمينٽل اسٽورن کي کولڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي پر ان حوالي سان به سنڌ حڪومت سمورن صوبن۽ وفاق سان مشاورت لاء خط لکيو ويندو ان ۾ اسان ايم ڪيو ايم جي قيادت پاران مڪمل يقين ڏياريو ويو آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اسان سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي جا پابند آهيون جنھن سپريم ڪورٽ واضح طور تي ڄاڻايو آهي سمورا صوبا ۽ وفاق ڪورونا وائرس جي حوالي سان پوري ھڪ پاليسي جوڙي وڃي. ھن چيو ته ٻين وزيرن سان گڏ اسان جي تاجر تنظيمن جي اڳواڻن سان ملاقات ٿي آهي جنھن ۾ ھڪ سؤ کان وڌيڪ تاجرن شرڪت ڪئي، جڏھن ته ايم ڪيو ايم جي وفد ۽ ڪراچي جا ٻيا اسٽيڪ ھولڊرز پڻ شريڪ هئا. ھن چيو ته تاجر اڳواڻن پنھنجا مسئلا اسان کي ٻڌايا اسان انھن جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکي رهيا آهيون ۽ اين سي او سي NCOC جي اجلاس ۾ جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي اھي ڪاروبار کوليا ويندا پر ايس او پيز جي پابندي ضروري آهي. سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا ملڪ تيزي سان پکڙجي پئي وڃي ۽ ھاڻي احتياطي تدبيرن سان ئي ڪاروبار ڪرڻو پوندو. ھاڻي ان وبا بابت ڪجھ نه ٿو چئي سگهجي ته اھا ڪيستائين جاري رهندي ان لاء عوام جي صحت جو خيال رکڻ سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي. ھن چيو ته اھو تاثر بلڪل غلط آھي ته لاڪ ڊائون ختم ٿي رھيو آھي پر ان ۾ وڌيڪ سختي ڪئي ويندي صرف اھي ڪاروبار کلندا جن جي وفاقي حڪومت پاران ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ اعلان ڪيو ويو آهي. سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته تاجر برادري جي مشڪلاتن جو احساس آهي ان لاءِ اسان چاهيون ٿا ته انھن جي امداد ڪئي وڃي ان لاءِ اسان مسلسل وفاقي حڪومت سان رابطي ۾ آهيون ۽ معاشي صورتحال ۾ بھتري ۽ بيروزگاري ۾ گھٽتائي لاءِ اسان مختلف صنعتن لاءِ اسان ايس او پيز تحت ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو آهي ته سموريون فيڪٽريون سنڌ حڪومت پاران ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جون پابند هونديون جن ۾ ملازمن جو ٽيمپريچر چيڪ ڪرڻ سميت  سماجي وٿي، ماسڪ ۽ سيناٽائيزرز مھيا ڪيا ويندا.

May 10, 2020 at 2:31 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو