لاڪ ڊائون نرم ڪرڻو آهي ته عملو ۽ وينٽيليٽرز وڌايا وڃن: ڊاڪٽر قيصر سجاد

ڪراچي(بيورو رپورٽ)  ڊاڪٽرن لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جي هڪ دفعو وري مخالفت ڪندي چيو آهي ته اپاءُ وٺڻ بغير لاڪ ڊائون ۾ نرمي سان ڪورونا وبا وڌيڪ پکڙجندي. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي عهديدارن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪڏهن لاڪ ڊائون نرم ئي ڪرڻو اهي ته عملو ۽ وينٽيليٽرز به وڌايو، نه ته صورتحال خراب ٿي ويندي. پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر اڪرام ۽ ڊاڪٽر قيصر سجاد چيو ته لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو مطلب دروازا کولڻا آهن، موجوده لاڪ دائون سان مطمئن ناهيون، نرمي ڪئي وئي ته نه ڄاڻ ڇا ٿيندو، لاڪ ڊائون سبب اسان جي نظر ۾ ڪوبه هڪ ماڻهو بُک وگهي ناهي مريو. ڊاڪٽرن حڪومت کان مارڪيٽس کولڻ جي اعلان تي نظرثاني جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سماجي فاصلو ئي ان وبا جو علاج آهي، ترقي يافته ملڪ به ڪورونا جو علاج ناهن ڪڍي سگهيا.

May 10, 2020 at 2:27 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو