پنجاب حڪومت طرفان هفتي ۾ 3 ڏينهن مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ جو اعلان

لاهور(بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ بابت وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان اڄ کان لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو اعلان ڪيو ويو هو. هن چيو ته پنجاب ۾ لاڪ ڊائون ۾ نرمي جي حوالي سان ايس او پيز تيار ڪري ورتيون آهن. صوبائي وزير چيو ته پناجب ۾ جمعو، ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل لاڪ ڊائون هوندو، سومر، اڱارو، اربع ۽ خيس تي لاڪ ڊائون ۾ نرمي هوندي. هن چيو ته نرمي جي ڏينهن ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد جي صورت ۾ ننڍا دڪان ۽ بازارن ۾ ڪاروبار جاري رکڻ جي اجازت هوندي. پر هفتي جي ستن ڏينهن ۾ وڏا پلاز ۽ شاپنگ مالز بند رهندا. فياض الحسن چوهاڻ چيو ته لاهور، فيصل آباد، ملتان گوجرانوالا ۽ راولپنڊي ۾ ايس او پيز تي عمل درآمد ڪرايو ويندو.

May 10, 2020 at 2:21 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو