سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگيون 2 لک 76 هزار 235 ٿي ويون

واشنگٽن: (م ڊ ) سڄي دنيا ۾ ڪورونا سبب فوتگيون 2 لک 76 هزار 235 ٿي ويون. صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته وائرس انسان جي جسم ۾ موجود رت جي نالين تي حملو ڪري سگهي ٿو جنهن سبب انساني عضوا ناڪاره ٿي سگهن ٿا. ادارو وائرس بابت مختلف ڄاڻ به جمع ڪري رهيو آهي. ڪورونا وائرس مسلسل حياتيون ڳڙڪائي رهيو آهي. برازيل ۾ وڌيڪ 807 فوتگين کان پوءِ انگ 9 هزار 992 ٿي ويون. برطانيه ۾ 626 ڄڻا فوت ٿي ويا. انگ 31 هزار 241 تائين پهڇي ويو. ميڪسيڪو ۾ وڌيڪ 257 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوتگيون 2 هزار 961 ٿي ويون. اٽلي ۾ وڌيڪ 243 ڄڻا فوت ٿي ويا. انگ 30 هزار 201 تائين پهچي ويو آهي. فرانس ۾ به 243 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ انگ 26 هزار 230 ٿي ويو آهي ۽ اسپين ۾ وڌيڪ 229 فوتگين کان پوءِ انگ 26 هزار 299 ٿي ويون. ڪينيڊا ۾ وڌيڪ 161، نيدرلينڊز ۾ 71، ڀارت ۾ 96 ۽ ايران ۾ 55 فوتگيون ٿيون. برطانيه چيو آهي ته آئرلينڊ جي سواءِ دنيا جي ڪنهن به ملڪ مان ايندڙن کي 14 ڏينهن تائين قرنطينه ۾ رکيو ويندو. هي پابندي هلندڙ مهيني جي آخر تائين لاڳو هوندي.

May 10, 2020 at 2:18 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو