مٽياري ۾ ڪورونا پکڙجڻ جو ذميوار عمران اسماعيل آهي: مخدوم محبوب الزمان

مٽياري (م ڊ) سنڌ جي روينيو واري وزير مخدوم محبوب الزمان مٽياري ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جو ذميوار گورنر عمران اسماعيل کي قرار ڏئي ڇڏيو. مخدوم محبوب الزمان ضلعي انتظاميا سان ويڊيو لنڪ اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته گورنر عمران اسماعيل 22 اپريل تي مٽياري جو دورو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ ضلعي ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ وڌي ويو آهي. سندس موجب مٽياري ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 24 ٿي ويو آهي، ضلعي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جو ذميوار گورنر عمران اسماعيل آهي. واضح رهي ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل 27 اپريل تي سوشل ميڊيا تي بيان ذريعي پاڻ ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي هئي ۽ 8 اپريل تي سندس ٻي ڪورونا ٽيسٽ به هاڪاري آئي هئي.

May 10, 2020 at 2:17 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو