وفاقي نوڪرين ۾ ٽيسٽنگ ايجنسين کان اختيار واپس وٺڻ تي سنڌ جو ڀرپور احتجاج

ڪراچي(بيورو) سنڌ حڪومت جو وفاقي نوڪرين ۾ ٽيسٽنگ ايجنسين کان اختيار واپس وٺي کاتن جي حوالي ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته وفاق ۾ ٽيسٽنگ ادارن کان اختيار واپس وٺي کاتن جي حوالي ڪرڻ صوبن سان ناانصافي آهي، صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته اهڙو فيصلو صوبائي حڪومت ۽ سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو، وفاقي حڪومت ڀرتين ۾ ميرٽ جي نظام کي تباهه ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، وفاق ۾ نوڪرين جي ٽيسٽ جو اختيار وزارتن، ڊويزنن، اٿارين، ڪارپوريشنن ۽ ٻين ادارن جي حوالي ڪرڻ سنڌ جي نوجوانن کي بيروزگار ڪرڻ جي برابر آهي، صوبائي وزير چيو ته پهريان سنڌ جا فنڊ بند ڪيا ويا، هاڻ سنڌ جي نوجوانن لاءِ وفاقي ادارن ۾ نوڪرين جا در بند ڪيا پيا وڃن، وفاق جي هن عمل جي خلاف هر فورم تي احتجاج ڪنداسين.

May 9, 2020 at 8:25 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو