سنڌ ۽ پنجاب ۾ اربين رپين جي هزارين مڻ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي(بيورو) سنڌ ۽ پنجاب ۾ هزارين مڻ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڪيترين ئي فلور ملز کي سيل ڪيو ويو.ميڊيا جي رپورٽن موجب انٽيليجنس ادارن ۽ خوراڪ کاتي گڏيل طور تي ڇاپو هڻي سڄي گهوٽڪي ضلعي مان غير قانوني طور تي ذخيرو ڪيل ڪڻڪ جون 3 لک 56 هزار ٻوريون جڏهن ته صالح پٽ تعلقي ۾ 1 لک 95 هزار ٻوريون هٿ ڪري ورتيون.مٽياري، ميرپور خاص ۽ دادو ۾ خوراڪ کاتي، پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي ڪندي 84 هزار کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ ڪري ورتيون آهن جنهن کان پوءِ سمورين ملز ۽ فيڪٽرين کي سيل ڪري ڪڻڪ جون ٻوريون تحويل ۾ ورتيون ويون آهن جنهن جي ماليت اربين رپين ۾ آهي.هوڏانهن ڪوٽڙي مان 4 هزار 500 ٻوريون، ڪشمور مان 15 هزار ٻوريون هٿ ڪيون ويون.ٻئي پاسي پنجاب جي ضلعي لوڌران ۾ ضلعي اختيارين ڪارروائي ڪندي 3 گودامن مان 1350 چانورن جون ٻوريون ۽ 7 هزار مڻ ڪڻڪ هٿ ڪري ورتي، جڏهن ته بهاولپور جي تحصيل اوچ شريف ۽ احمد پور شرقيه ۾ 42 هزار مڻ ذخيرو ڪيل ڪڻڪ هٿ ڪئي وئي. اهڙي طرح حافظ آباد جي تحصيل جلال پور ڀٽيان جي گودامن مان به 52 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ ڪيون ويون.

May 9, 2020 at 8:24 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو