حيدرآباد: ڪورونا جا 15 نوان ڪيس ظاهر، ناليوارو ڪارڊيالاجسٽ سميت8 ڀاتي متاثر

 حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ هڪ ئي ڏينهن 15 ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. صحت کاتي سنڌ ۽ صحت کاتي حيدرآباد جي انگن اکرن ۾ اڃان تائين تڪرار برقرار آهي. صحت کاتي سنڌ موجب ڪورونا جا 50 ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ صحت کاتي حيدرآباد موجب ڪورونا جا هڪ ئي ڏينهن ۾ 15 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. پريٽ آباد ۾ مشهور ڪارڊيالاجسٽ سميت سندس 8 گهرڀاتين کي ڪورونا جي تصديق ڪئي وئي آهي. سرفراز ڪالوني ۾ هڪ ئي گهر جا 4 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي. ڊي جي سنڌ ۽ لمس پاران ڪرايل ٽيسٽن جي رپورٽ اڃا پڌري نه ٿي سگهي.

May 9, 2020 at 8:22 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو