پوري دنيا ۾ڪورونا وائرس مريضن جو انگ 39 لک کان ٽپي ويو، 24 ڪلاڪن دوران 5 هزار ماڻهو فوت

حيدرآباد/نيويارڪ(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ 39لک 11هزار کان وڌي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ۾ عالمي وبا 5 هزار ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي وئي، 94 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، وڌيڪ 2 هزار ماڻهن دم ڏنو ۽ 28 هزار نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جنهن کانپوءِ متاثرن جو ڪل انگ 12 لکن کان وڌي ويو آهي. برازيل ۾ به صورتحال خراب آهي، جتي هڪ ڏينهن اندر 558 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 8 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس پڻ رپورٽ ٿيا آهن. برطانيا ۾ 593، اسپين 213، اٽلي ۾ 274، فرانس ۾ 178، ڀارت ۾ هڪ سئو 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڌڙا ڌڙ نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي، عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 2لک 70 هزار کان وڌي ويو، جڏهن ته 13 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.

May 9, 2020 at 8:21 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو