تاريخ جي وقن مان…!

لکا ڏنو جهرڪائي

جهرڪ جو عروج ۽ زوال جو قصو تمام طويل آهي پر هتي مختصر ذڪر ڪندس ڇو جو اڄ ڪل وٺ وٺان ۽ هڻ هڻان جو دور آهي جنهن ۾ جهرڪ جهڙي وسريل جا ڪير ويهي سور سڻندو پر ڪجهه نه ڪجهه احوال اوري پنهنجو هائون هلڪو ڪرڻ چاهيان ٿو. سنڌ جي تاريخ هميشه درٻاري مورخن جي قبضي ۾ رهي آهي اهو ئي سبب آهي جو جهرڪ جي تاريخي حيثيت کي فراموش  ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اها بلڪل حقيقت آهي قائد اعظم محمد علي جناح جهڙي هستي جو جنم ب جهرڪ ۾ ٿيو.پر نهايت ئي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته نام نهاد ۽ هٿ ٺوڪين درباري مورخن قائد اعظم محمد علي جناح جو جنم ڪراچي ۾ ڄاڻائي جهرڪ سان تمام گهڻي نا انصافي ڪئي آهي جڏهن ته ان جون مڙهيون ۽ محلاتون موجود اهن جيڪي انهي حقيقت جون سئو سيڪڙو ساکي آهن. ماضي ۾ جهرڪ جو عروج چوٽ چڙهيل هو جهرڪ جو اصل نالو شاهپور هو پر هاڻي جهرڪ آهي جهرڪ بازارين ۽ رستن تي رونق لڳي پئي هوندي هئي جهرڪ ۾ ڪيتريون ئي قومون آباد هيون جن ۾ واڻيا، سمان، ميمڻ، مير بحر، رند، خواجه، ڀٽي،  وغيره شامل آهن. شاهپور جيان ڀٽي برادري کي به جهرڪ سڏيو وڄي ٿو . شاهپور ۽ ڀٽي قوم جو جهرڪ نالو ڪيئن رکيو ويواهو وڏو قصو آهي جيڪو ٻي ڪنهن وقت تي لکندس بهرحال سڀني برادرين ۾ سرس واڻيا هئا جن سان جهرڪ ڪڏهن به مذهبي تعصب نه رکيو هڪ هندو عورت نالي ”پاروتي” سخاوت جي ڪري تمام گهڻي مشهور هئي، هن پنهنجي خرچ سان پاروتي ٽي ،بي سينٽر قائم ڪيو جيڪو جهرڪ جي بازار ۾ اتر ۽اوڀر ۾ موجود يونين آفيس وٽ هو هن جي شروعاتي بلڊنگ هڪ ڪمري جي هئي جنهن وقت ساڍا پنج هزار روپيه خرچ ٿيو، بعد ۾ حيدرآباد جي مشهور وڪيل ديوان آوت سنگهه انهي سينٽر کي ودايوڊاڪٽرن ۽ نرسن جي رهڻ لاءِ وڏي ڪالوني ٺهرائي بيمارن لاءَ بسترن جو پڻ بندو بست ڪرايو.سينٽر جي عمارت ٽي منزلا هئي جنهن جي سامهون مريضن جي تفريح لاءَ خوبصورت باغيچو هو،اوڀر ۾ وهندڙ سنڌو دريا جي ڪناري تي پاڻي جون مشينون رکيل هيون جنهن جي ذريعي جهرڪ جي رهواسين کي هر وقت تازو پاڻي ملندو هو.

جهرڪ ان وقت سب ڊويزن جي حيثيت رکندو هو جنهن ڪري جهرڪ جو ڪليڪٽر آفيسر صاحب به هتي رهندو هو جنهن جو  بنگلو جهرڪ جي بازار جي ڏکڻ ۾ ٽڪري تي هو جنهن جو نشان اڄ ب موجود آهي.  ڪليڪٽر صاحب هڪ انگريز هو ۽ سوڍي صاحب جي بالي سان مشهور هو جهرڪ جي دامن ۾ پرائمري اسڪول جي اتر۾ پونجاعلي جناح جي گهر ڀر سان پرنس آغا حسن علي خان جي محلات اڄ به موجود آهي جنهن ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن اچي هوا بدلائڻ خاطر رهيندو هو. جهرڪ هوا جي لحاظ کان تمام گهڻو مشهور رهيو آهي. جهرڪ کي انگريزن صحت افزا جو لقب ڏنو هو مشهور محقق ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي ڪتاب ۾ جهرڪ کي محبت افزا سڏيو آهي ڇو جو جهرڪ جي من ۾ محبت جي ڪيترائي قصادفن آهن جيڪي ٻي ڪنهن وقت تي لکندس. جهرڪ جو زوال:  جهرڪ جي زوال جي شروعات سرچارلس نيپئر جي هٿان ٿي سر چارلس حيدرآباد جو ڪمشنر ٿيو سرچارلس جهرڪ سب ڊويزن جي حيثيت ختم ڪري دفتر کڻائي ڪراچي ويو ان بعد 1947 ع جي ورهاڱي سان جيڪي حالتون نمايان ٿيون تن ت هيڪاري جهرڪ جي چيله ئي چٻي ڪري چڏي. جهرڪ جا ڄايا ٻچا پنهنجا پراڻا پڊڙا ۽ پکرا هندستان هليا وياهينئر ب جهرڪ جي هنج ۾ اٽڪل 20 هزار وانکيئرا آباد آهن جن جي چپن تي هميشه هي” سيلاني”  جي صدا موجود آهي ته خدايا شهر جهرڪن جي سگو کول قسمت کي.


June 10, 2014 at 8:14 pm

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو