جناب: اصل حقيقتون هيئن به آهن!!

ڊاڪٽر شاهنواز ايم ڪي دل

اربع ڏينهن چار سيپٽمبر جي ڪاوش ۾ هڪ مضمون ڇپيو ته،“بدين ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اصل حقيقتون!” جنهن جو ليکڪ حزب الله منڱريو  سيڊا جو ترجمان آهي. سندس پاران لکيل مضمون حق ادائي کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. انهي موضوع تي گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي. اهو سمورو معاملو ڪورٽ سڳوري وٽ به پهچي چڪو آهي. مون  سون جي مينهوڳي جي مند اچڻ ڪري پاڻي جي کوٽ ٿوري گهڻي پوري ٿي چڪي آهي. بدين کي پاڻي تي هلندڙ “بدين بچايو ڪميٽي”  جي تحريڪ به پاڻي جي کوٽ سان گڏوگڏ سم نالن جو اٿلڻ، خطري جي حد تائين پهچڻ، امڪاني گهارن ۽ سم جي پاڻي جو ابتو هلڻ جهڙن مسئلن ۾ مصروف لڳي پئي آهي. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته جنهن جو کائجي تنهن جو ڳائجي جيان ترجمان صاحب جي مضمون ۾ حقيقتن جي اولڙي کي جنهن طريقي ٽوڙي مروڙي مسخ ڪري پيش ڪيو ويو آهي اهو سڀ ڪجهه اَوس سمجهڻ گهرجي، ڇو ته هر هڪ کي پنهنجي روزي روٽي پياري آهي. اسان کي سقراط وانگر زهر جو پيالو پيئڻ بدران گليلو واري وچئين واٽ وٺي جيئندان حاصل ڪرڻ گهرجي، پر جن کي مُڙڻ مهڻو هوندو آهي اهي اهڙي واٽ جا مسافر هوندا آهن جتان پٺي ڏيڻ هڪ سدا حيات ويڻ آهي. سائين ترجمان توهان جو پاڻي بابت علم مون کان وڌيڪ هوندو پر بدين جي عام ماڻهو جي حيثيت ۾ جيڪو ڪجهه اسان ڀوڳيو آهي اهي ڀوڳنائون شايد بدين واسين جي حصي ۾ آهن. آئون هڪ ورڪر طور انهي سڄي تحريڪ جو حصو رهيو آهيان. انهي کان پهرين ڪاوش جي هن صفحي تي منهنجو تفصيلي مضمون، مختلف ٽي وي چينلن تي ٽاڪ شو جو حصو هئس. اتي ڪيئن نه سيڊا جا وڏا ڪنهن ڪنهن جون ثناءَ خوانيون ڪندي هر شئي کي جائز چئي رهيا هئا. هنن سمورين وارتائن جو آئون پاڻ اکين آئون پاڻ اکين ڏٺو ۽ ڪنن ٻڌو شاهد آهيان. حڪومت، سيڊا، توهان، قابل احترام آبپاشي جو عملو توهان جي ٽيڪنيڪل ٽيم جا معزز ناميارا ميمبر سڀ اسان جي اکين تي، پر بدين جي ڳوٺن جهنگن  جهرن، روڊن رستن، شهرن ۽ پريس ڪلبن اڳيان، “پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا ” جون ٻاڪارون جڏهن اسان جي آزاد ابلاغ جي ذريعن تي فليش ٿيون پئي. نهٽڻ اُس تتل ڌرتيءَ  تي مجموعي طور 800 ڪلو ميٽر تائين ڪيل مارچ ۾ ٻارڙن، ٻڍڙن، عورتن  بدين جي ساڃاهه وند ماڻهن جا قافلا پنڌ ڪري رهيا هئا، انهي مهل توهان جا اعليٰ منصب تي ويٺل انهي سموري تحريڪ کي مارچڙا چئي فون بند ڪري ويهندا هئا. پ پ ۽ سندس منشور ته عوامي آهي پر ايوانن کان ويندي انتظامي ڪرسين تي ويٺل مهربان غير عوامي روين وارا آهن. سمورا ابلاغ جا ذريعا توهان کي حقيقي آئينا ڏسي رهيا هئا پر  توهان جي ڪَنَ تي ڪا جونءُ ئي نه سري رهي هئي. هتي توهان کي هڪ مثال ڏيندو هلان ته فياض قمبراڻي توهان جي انهي سموري سسٽم جو هڪ ننڍڙو آفيسر آهي. جڏهن ان عوام جي اهنجن کي پنهنجا سور سمجهي ڏينهن رات هڪ ڪري پاڻي کي ضرورتمندن تائين پهچايائين ته بدين جي عوام انهي کي هيرو قرار ڏنو. سندس بدلي جي صرف خبر ٻڌڻ تي آبادگارن مظاهرا ڪيا.  اسان جون سيڊا يا سندس انتظامي عهدن تي ويٺل مهربانن سان ڪي زمين جي دنگ وارا جهيڙا ڪونه آهن توهان اسان جو سور محسوس ڪريو اسين توهان لاءِ اکيون وڇائي ڇڏينداسون.

توهان لکيو آهي ته احتجاج ڪندڙ ڌريون سمجهن ٿيون بدين ۾ پاڻي جي کوٽ جا سبب هن ريت آهن.

سيڊا طرفان سنڌ واٽر سيڪٽر امپرومينٽ پراجيڪٽ (وسپ) تحت ڦليلي ڪينال جي ريماڊلنگ.

فلڊ ڪينالس

سکر جي ڪمانڊ ايريا جي زمين ڪوٽڙي بئراج تي منتقلي

ڦليلي مان اڪرم واهه جي فيڊنگ

واهن ۽ شاخن جي کوٽائي

پاڻي جي چوري

ترجمان صاحب موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ سبب پاڪستان  پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ ۾ ستين نمبر تي آهي. ادا مڃيوسين ٻهراڙين سان گڏ شهر به پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيئي رهيا آهن. اهو به مڃيوسين پر گستاخي معاف ٿئي ته عرض ڪيان ته انهي سموري صورتحال جو ذميوار بدين جي ماتلي کان هيٺ واري آبادي ته ناهي پوءِ انهن جي پاڻي کي ڇو بند ٻڌا ويا آهن. اسان کي پاڻي جي ورڇ تي اعتراض ڪونهي پر سنڌ جي عوام جا اربين روپيا خرچ ڪري سيڊا طرفان سنڌ واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پراجيڪٽ (وسپ) تحت جيڪي ڦليلي جي ٽيهون ميل ڪراس ريگيوليٽر، پانڌي واهه جو هيڊ ريگيوليٽر، امام واهه ۽ علي پور ڪراس ريگيوليٽر ٺاهي دڪا هنيا ويا آهن. اهي ڇا فني بنيادن تي جائز آهن. جڏهن کان اڪرم واهه ۽ ڦليلي جو وجود آهي انهي مهل جيڪي فني ماهر ڪم ڪري رهيا هئا انهن کي خبر نه هئي ته بدين سمنڊ جي سطح جي ويجهو هجڻ جي ڪري پاڻي جي گريوٽي فلو ڊيڊ ٿيڻ سبب پاڻي جي رفتار نه هئڻ برابر  ٿي ويندي. ڇا سنڌ ۾ جيڪي ڪم فني طور انگريز آبپاشي نظام لاءِ ڪري ويا آهن انهن جي عمر پوري نه ٿي آهي، پوءِ سڀ کان پهرين فني طور وڏن پراجيڪٽس تي ڪم ٿيڻ گهرجي ها. مڃيو سون ته هن وقت سيڊا وٽ آبپاشي جا بيرل مها ڏاها فني طور وڏي ڄاڻ رکندڙ انجنيئر، منتظم موجود آهن پر اهي شايد اربين روپين جي کپت ڪرڻ جا ماهر لڳي رهيا آهن. انهي کانپوءِ هڪ ٻيو سوال ڪرڻ جي جسارت ڪندس ته وسپ جي بحالي وارو جيڪو پراجيڪٽ جنهن ڪمپني کي ڏنو ويو هو ان جي ساک ڪهڙي هئي. ڇاڪاڻ ته ذريعا ٻڌائين ٿا ته اها بليڪ لسٽ ٿيل آهي. واهن ۽ شاخن جي کاٽي ۽ گهارا پوڻ جا جيڪڏهن سبب ڳولڻ ويٺاسون ته خبر ناهي ته ڪيترائي انهي ۾ وائکا ٿي ويندا. واهن ۽ شاخن توڙي سم نالن جي کاٽي هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ۾ ٺيڪيدار توڙي منتظمن جا جاوا هوندا آهن. توهان جيڪي گهارن جا سبب ڏنا آهن آئون انهن سان سهمت ناهيان. پراڻا اسٽريڪچر ڀلي عمر پوري ڪري چڪا آهن پر اهي هيترن سالن کان هلي رهيا هئا. واهن جا پيٽ ڪونه وڌيا. بندن تي کاڌ ڪونه ٿي. ڪراس ريگيوليٽر تي داٻ ڪونه پيو پر اوچتو اهي سمورا سبب فني ڪپڙا پائي اچي سامهون بيٺا ۽ وسپ آڻڻ جو سبب بڻيا. توهان ته سيڊا جا ترجمان آهيو. بدين ۾ ماتلي کانپوءِ پوندڙن گهارن جو رڪارڊ ڀيٽيو انهي جا سبب ڳوليو زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکو اتي جي عوام جا انٽرويو ڪريو. آبپاشي جي غير جانبدار ماهرن سان مشاورت  ڪريو. پوءِ انهن نتيجن کي توهان پاران ڏنل سببن جي جدول سان ڀيٽ ڪري پڙتال ڪريو.

توهان ماتلي واهه، امام واهه جنوبي، بادلي شاخ ۽ مراد واهه فلڊ ڪينالس کي فلڊ ڪينال نه مڃيندي ان تي آباد ٿيندڙ زمينن آبادين ۽ جيوت جو جواز ڏيو پيا. توهان انهن کي ريگيولر واهه چئو ٿا ۽ فقط ريڻي ڪينال کي فلڊ ڪينال چئو پيا. جڏهن وسپ وارا ظالم دڪا نه لڳل هئا ته انهن ۾ پاڻي جي ڇا صورتحال هئي جو هاڻي توهان کي انهي تي آباد انسان، چوپايو مال ۽ ايڪو سسٽم ياد اچي ويو آهي. ڇا تلهار کان هيٺ بدين جا سمورا انسان، چوپايو مال ۽ ايڪو سسٽم ڪو وجود نٿو رکي؟ توهان چيو آهي ته فلڊ ڪينالس جو مقصد صرف واڌو پاڻي نيڪال ڪري درياءَ جي بندن تان پاڻي جو دٻاءُ گهٽائڻ هوندو آهي. نام نهاد وسپ جي پراجيڪٽ واري ريماڊلنگ يعني دڪن ۽ انهن واهن جي هوندي ڦليلي هن سال حيدرآباد جي ڪيترن ئي وسندين ۾ پاڻي ٽاپ ڪيو، جنهن تي احتجاج پڻ ٿيا هئا جيڪي شايد توهان کي ياد نه هوندا. سکر بئراج ڪمانڊ واري لکين ايڪڙ زمين جي انهن واهن تي منتقلي کي به توهان جائز سمجهو پيا. ٻي طرف توهان جي انهي عمل بدين جي باقي تعلقن جي عوام کي ماتلي تعلقي جي عوام جي دوبدو ڪري ڇڏيو. آئون انهي ڳالهه جي آجيان ڪريان ٿو ته توهان انهي ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته معاشري جا ڪجهه عنصر غير قانوني طور هيٺين عملي جي ملي ڀڳت سان پائيپ، لفٽ مشينون يا موڳن ۾ هٿ چراند ذريعي پاڻي چوري ڪن ٿا. انهن خلاف توهان ايڪشن کنيو پر اهو اڻ پورو ايڪشن هو پاڻي جي چوري اڃا به هلي پئي، جنهن تي تمام وڏي اسڪيل وارو ايڪشن ٿيڻ گهرجي. شايد توهان اخبارن ۾ اهي فوٽو نه ڏٺا هئا،  جڏهن سنڌ رينجرز جي جوانن کي آبادگارن گلن جا هار پارايا. ڪڏهن توهان بدين ۾ پاڻي چوري کي روڪيندڙ سنڌ رينجرز جي ڪنهن آفيسر  سان ڪچهري ڪري ڏسو ته توهان جون اکيون کلي وينديون ته معاملا ڪيترا منجهيل ۽ جانبدار آهن.

توهان کي ٻڌائيندو هلان ته لاڙ جو سڄو بيلٽ ساريال جي پوکي صدين کان ڪندو اچي پر اڄ توهان ۽ آبپاشي جا عملدار اسان لاڙ وارن کي سارين جي پوکي کان به منع ڪيو پيا ۽ اجازت ڏنل زرعي جنسن جي پوک جي ڳالهه ڪريو پيا. مهرباني ڪري انهي شيءَ جو حڪم نامو جاري ڪيو ته ڪهڙيون جنسون پوکي سگهون ٿا. توهان مون سان هلو چوماسي مينهن کانپوءِ لاڙ پٽ جي ماڻهن جي چهرن تي سرهائي آئي هئي جيڪا مسلسل برساتن سبب ۽ سم نالن جي ابتي وهڻ ڪري  هاڻي مايوسي ۾ تبديل ٿي ويئي آهي. لاڙ  ۾ ساريون پوکڻ جي مند ڪڏهوڪو ختم ٿي ويئي آهي پر هينئر به مختلف علائقن ۾ رونبو ڪيو وڃي پيو. جيئن ته منهنجي پيدائش کان وٺي هيل تائين مون اڪرم واهه جنهن کي اسين لاڙ جا لائيڊ چينل جي نالي سان سڃاڻون ٿا تنهن ۾ وارا بندي ٿيندي نه ڏٺي پر هن سال جيڪڏهن توهان کي ياد هجي ته انهي ۾ به وارا بنديون ٿيون. لاڙ جي زرعي موڙي يعني ساريال کي وڏو ڌڪ لڳو، ڪمند پوکڻ کان ته مل مالڪن توبهه ڪرائي پر هاڻي توهان جا اهي شاهي حڪم ناما ڪٿي لاڙ کي سُڪائي ٺوٺ ڪري ماڻهن کان جيئڻ جا سمورا حق نه کسي وٺن.

جناب بدين جي ماڻهن کي انهي سان ڪوبه سروڪار ڪونهي ته سل ليول ڪٿي پهتي آهي. گريوٽي ڇا آهي؟ فلڊ ڪينال ڪهڙي بلا جو نالو آهي. وسپ واري ريماڊلنگ ڪهڙو ڪاريهر آهي.واهن، شاخن ۽ سم نالن جي کوٽائڻ ۾ ڪيتريون ڪميشنون ورتيون وڃن ٿيون. ڦليلي واهه مان اڪرم واهه جي فيڊنگ ڪيتري ٿي ٿئي. سکر بئراج ڪي ڪمانڊ واري زمين کي پاڻي ڇو ٿا ڏيو.  اهي فني ڳالهيون عملي طور تي ڪرڻ جي توهان کي سنڌ جي عوام جي پئسي مان پگهار ملي ٿي، توهان به ڌرتي ڄاوا آهيو. ڌرتي ڌڻين جو درد توهان جي دلين جي ڌڙڪڻ ۾ ضرور موجود هجڻ کپي. بدين جي اٻوجهه عوام کي صرف پاڻي کپي باقي اهي سموريون فني تاويلون توهان کي مبارڪ هجن. هن جواب کي هڪ دانهن سمجهندا. هڪ ڪوڪ سمجهندا  نه ڪو ذاتي حملو سمجهندا ته مهرباني ٿيندي.

جو مين سچ کهون برا لگي، جو مين دليل دون تو ذليل هون،

يه سماج جهل ڪي زد مين هي، يهان بات کرنا حرام هي.

shahnawazbest74@gmail.com

September 15, 2019 at 9:53 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو