حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ سياسي سرد مهري!!

حقيقتن کان جيڪڏهن مُنهن نه موڙجي ته ڇا صوبن جي عوام ۾ محروميءَ جو احساس جڙون هڻي ناهي ويو، ڇا بلوچستان جا ناراض نوجوان پهاڙن تي چڙهي ويل ناهن؟ ڇا ڪي پي ڪي مان ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جون خبرون نه اچي رهيون آهن! اِهو سڀ ڇو ۽ ڇا لاءِ آهي، ڇا اِن طرف اسان ڪڏهن غور ويچار ڪيو آهي، ڇا مامرن کي سُلجهائڻ واري واٽ اختيار ڪئي آهي؟ ننڍن صوبن جي عوام جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو ڪڏهن ادراڪ ڪيو آهي؟ ٿڌي دل ۽ دماغ سان اُنهن کان پُڇيو آهي ته آخر اُنهن کي ڪهڙي ڳالهه جا خدشا آهن ۽ اُهي ڇو ناراض آهن؟ ڇا اُنهن جي ناراضگيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ازالي طور ڪي قدم کنيا ويا آهن؟ رياست ماءُ جيان هوندي آهي، جيڪا سڀني کي پنهنجي محبت جي ڇُهاءَ سان معطر ڪري ڇڏيندي آهي. ماءُ جي پرورش ۾ صدورا ٻار به هوندا آهن ته اڻانگا ۽ هٺيلا به. اُنهن کي پرڀائڻ ۽ پرچائڻ ئي ماءُ جو اصل ڪم هوندو آهي. جيڪڏهن ماءُ اُنهن سڀني تي ٻاجهه ڀريو هٿ ڦيري ته هوند ڪو به ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظهار نه ڪري، پر شايد اِن مامري ۾ اسان ڀرپور ڪوششون وٺي ناهيون سگهيا، جنهن ڪري رنجشون ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نه ٿيون وٺن. هڪڙو ته اڳ ئي رنجشون موجود آهن، اُنهن ۾ اڃا به حڪومتي نمائندا پنهنجي ڀورڙيائيءَ سبب اضافو ڪندا رهن ٿا. جنهن سبب پاڙيسري مُلڪ جي حڪمرانن کي اسان ڏانهن آڱريون کڻڻ جو موقعو ملي رهيو آهي، جيڪي پنهنجي ظلم ۽ ستم کي لڪائڻ خاطر اسان جي اندروني صورتحال تي ڳالهائي رهيا آهن. حقيقت ۾ اُنهن کي اسان پاڻ موقعو فراهم ڪري رهيا آهيون، نه ته جيڪر ڪنهن کي ڪهڙي جرئت جو اُهي اسان جي اندروني حالتن جو دنيا ۾ ڍنڍورو پٽين. سوال هيءُ به آهي ته آخر اهڙي ڪهڙي اربعا خطا ٿي آهي جو انتهائي حساس وقت ۾ هِن قسم جا تڪراري اشو اُٿاريا وڃن پيا!؟ اسين سمجهون ٿا هيءُ ٻڌي ۽ اتحاد جو وقت آهي، مِڙي مُٺ ٿيڻ جي مهل آهي، هڪٻئي سان گلائون ۽ رنجشون ختم ڪرڻ جو دور آهي جو والاريل ڪشمير جي صورتحال سبب هِن پوري خطي مٿان خطرا لامارا ڏئي رهيا آهن. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن اسين پنهنجو پاڻ کي اندران ئي اندران کاٽ هڻي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪنداسين، پنهنجا ذاتي پلاند ۽ بغض پاڙينداسين ته اُن جو اڳي پوءِ فائدو ڪنهن ٻاهرين کي ئي ٿيندو. اُن لاءِ ضروري آهي ته اهڙي ڪنهن به تاثر کي اُڀرڻ ئي نه ڏنو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن شهر يا علائقي جي ڀلائي يا صفائيءَ جو ايترو ئي لاچار آهي ته پوءِ اُن لاءِ مقرر کاتن کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، اُنهن کي پنهنجا فرض پورا ڪرڻ لاءِ پابند ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اُهي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪن ٿا ته اُنهن کان سخت پُڇاڻو ٿيڻ گهرجي ۽ اِهو پڻ ويهي جاچڻ گهرجي ته آخر ڪاهلي يا ڪوتاهي ڪنهن هنڌ آهي، اُن کي دُرست ڪري مامرا سُڌاري سگهجن ٿا. پر جيڪڏهن مقصد ڪنهن ڌُر کي خوش ڪرڻ يا ڪنهن پارٽيءَ کان انتقام وٺڻ آهي ته پوءِ اُن لاءِ سنڌ کي ٽارگيٽ بڻائڻ ڪنهن به ريت مناسب ناهي! سنڌ نه ته ڪنهن پارٽيءَ جو ڪارڊ آهي نه وري انتقامن جي جاءِ. سنڌ تهذيبن جي ماءُ آهي، صوفين، فقيرن ۽ درويشن جي ڌرتي آهي، ان سان جنهن به اُچايو آهي اُن جو حشر تاريخ جي ورقن مان پسي سگهجي. هيءَ سراپا پيار ۽ محبت جي ڌرتي آهي، جيڪا پراون کي به پناهه جو احساس ڏي ٿي، اُن کي ڇنڻ يا ڪمزور ڪرڻ واري سوچ هن رياست کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي. تنهنڪري اهڙي ڪنهن به عمل کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان ويڇا وڌڻ جا امڪان هُجن.

September 15, 2019 at 9:52 am

اڄ جي اخبار

عوامي آگاهي لاءِ پيغام

فيس بوڪ صفحو